جوڳي (ذات): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 5:
#. جوڳي: هي جوڳي هڪ [[سنڌي]] ذات آهي،جيڪي [[ٺرِي مِيرواهه]] , [[خيرپور ضلعو| خيرپور]] ضلعي ۾ آباد آهين، هي نڪي نانگ پالين ۽ نه ئي وري مرلي وڄائڻ ڄاڻين ٿا. هنن جوڳين لاءِ چيئجي ٿو ته راڄپر جيڪي سماٽ ذات پڻ آهي ان جو هڪ پاڙو جوڳي آهن.
 
ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن. اصل سنسڪرت لفظ يوگي آھي. اھي پنندا آھن. اڪثر ھوشادي نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾. ھنن مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا آھن. ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو. جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن. مسلمان جوڳي به آھن، جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽ گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ جا مريد سڏائيندا آهن.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref> .جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي. قاضي قادن (1463-1551ع) پهريون دفعو شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ جو ان معنيٰ ۾ اصطلاح ڪم آندو آهي. جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري! قاضي قادن ’جوڳيءَ‘ کي نئين معنيٰ ڏني آهي. شاهه لطيف پڻ جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
==گيلري==