جماليات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 4:
 
’جماليات جي معنيٰ آهي، [[سونهن]] يا سونهن واري شيءِ يا وجود جي ٻـُوجهه، [[پرک]] ۽ انهن جو[[ ماخذ‘]]. سونهن[[نيچر| فطرت]] ۾ به هوندي آهي ته[[ فن]] ۾ به. فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر [[قدرت]] جي عطا آهن. هي اڀرندڙ لهندڙ[[ سج]] واري ويل: [[شفق]] ۽ [[سنڌيا]]،[[ پونم]] جو[[ چنڊ]]، [[چانڊوڪي|چانڊوڪيءَ]] جو [[اُهاءُ]]، [[سمنڊ ]]جي [[ويرَ]]، [[درياء|درياھ]] جون [[ڇولي|ڇوليون]]، [[ڏکڻ جي هير]]، سنڌوءَ ۾ تڙڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦهليل [[عڪس]]، وُٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽيءَ جي [[خوشبو|سـُڳنڌ]]، [[ملهار]]، [[ڪڪر|ڪڪرن]] جي لس، وُٺي کان پوءِ ڌوتل[[ وڻ ٽڻ]] ۽ گهرو نيرو[[آسمان| اُڀ]]، وسڪاري کان پوءِ واري[[ اوڀڙ]]، [[تاڙي]] جي[[ پکي جي ڪوڪ|تنوار]]، [[بربلو|بلبلين]] جو[[پکي جي ڪوڪ| ڳٽڪو]]، [[ڪويل]] جي [[ڪوڪ]]، [[ماڪ]] جي [[شفافيت ]]۽ ٿڌيرو [[ڇهاءُ]]، گلن جي [[خوشبو|سرهاڻ]] ۽ [[ڪوملتا]]، مٽيءَ جي [[عظمت]]، [[ڊيل]] جو ٽلڻ، [[ڪبوتر]] جي [[اڏام]]، اِهي سڀ [[فطري سونهن]] جا مظهر آهن، پر انهن مڙني کان اعليٰ ۽ سونهن جو عظيم تر مظهر آهي خود [[انسان]]. ائين سُر به سونهن آهي ته لفظ ۽ رنگ به سونهن آهن ته[[ تند ]]۽ تنوار ۾ به حسن موجود آهي، جنهن کي ”جماليات“ چئبو آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}