ادبي تنقيد: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: تنقيد __(Literary Criticism): تنقيد لفظ جو بنياد نقد آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ملھ‘. ادب جي ملھ ڪٿڻ لاءِ ڪيل پ...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 2:
 
تنقيد لفظ جو بنياد نقد آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ملھ‘. ادب جي ملھ ڪٿڻ لاءِ ڪيل پرک کي ادبي تنقيد چئبو آهي. ادبي تنقيد جي شروعات[[ يونان]] کان ٿي، جنهن موجب تنقيد جو مطلب اھي فيصلو يا ”[[فتويٰ]]”(Judgment) ڏيڻ هو. تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يعني خامين ۽ خوبين جو بيان ڪرڻ. تنقيد انهيءَ [[عبارت]] کي ٿو ڪوٺجي، جنهن مان ڪنهن به ادبي تخليق جي خوبين ۽ خامين کي ڄاتو- سمجهيو وڃي: يا ائين ادبي تنقيد، ڪنهن ادبي ڪاوش کي پڙهڻ کانپوءِ، ان تي سوچي، ويچاري، ان جي ادبي ڪٿ ڪرڻ آهي. تنقيد ۾ باريڪ بيني ۽ دليل وڏي اهميت رکن ٿا. ادبي تنقيد، ادب ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، سڀ کان پھرين تنقيد وسيلي معياري ادب ۽ غير معياري ادب جي کرق جي خبر پوي ٿي. ادبي تنقيد رستي زبان ۽ ادب جي زوال ۽ قدرن جا سبب معلوم ٿي سگھن ٿا. تنقيد سان ادبي تحريڪون شروع ٿين ٿيون. تنقيد رستي خبر پوي ٿي تہ مختلف دؤرن ۾ ادب ۾ ڪھڙا رجحان ھئا. ادبي تنقيد جي وسيلي ئي سٺا اديب پيدا ڪري سگھجن ٿا. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}