نقش نگاري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: thumb|160px|[[Székelys|Székely __ڪاٺيء تي نقش نگاري]] تصوير نگاري__نقش نگاري __(Carving): قديم زماني ج...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 7:
 
قديم زماني جي ماڻهن پنهجين سوچن ، خيالن ، ريتن رسمن ۽ مذهبي لاڙن کي سڀ کان اڳ[[ پٿر]] تي اڪيري، تڏهن اڃا جڏهن[[ ڪاغذ]] نه ٺهيو هو. پٿر تي نڪتل چٽن ۽ تصويرن اڪيرڻ جي فن کي نقش نگاري يا تصوير نگاري سڏجي ٿو. دنيا جي هر ان خطي ۾ جتي اوائلي تهذيبن جنم ورتو آهي پٿر تي اُڪر/تصويرنگاريءَ جا نمونا ملن ٿا. [[ڀارت|هندستان]] ۽ [[پاڪستان]] ۾ ڪيترن هنڌن تي هن قسم جا چٽ مليا آهن . تاريخ کان اڳ واري دؤر۾ پٿر تي ٿيل اڪثر نقش نگاريءَ ۾مختلف جانورن جون تصويرون، شڪار جا منظر ، مذهبي لاڙن يا رجحانن کي ظاهر ڪندڙ علامتون ۽ انهن بابت تجريدي چٽ، ان زماني جي سماج جي ڪافي حد تائين نشاندهي ڪن ٿا.[[ سنڌ]] ۾ [[کير ٿر جبل]] جي مختلف هنڌن تي اوائلي دؤر جي ماڻهن ۽ جانورن جون ابتيون سبتيون شڪليون نڪتل ملن ٿيون، انهن ۾ سرهن ۽ گرن جون تصويرون شامل آهن. خاص ڪري[[ ڪتي جي قبر]] ڏانهن ويندي [[سيتا نئن]] جي ٻئي ڪناري تي ”[[شاھ ڪنڀ]]“ وٽ اهي شڪليون ڪافي تعداد ملن ٿيون. ان سلسلي ۾ بدر ابڙي جو ڪتاب ”کيرٿر ۾ چٽسالي“(2011ع) شايع ٿي چڪو آهي. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}