ٻير: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
'''ٻير''' جو وڻ ڪنڊن وارو ٿو ٿئي. سانوڻ ۾ ٻور جهلي ٿو ۽ سياري جي شروع ۾ ڦر جهلي ٿو. ڦر تمام گهڻو ٿو ٿئيس. ٻير گول ٿا ٿين ۽ منجهن ککڙا ٿا ٿين. رنگ جا بادامي، پيلا ۽ ڳاڙها ٿا ٿين. کل چمڪندڙ ٿئين ٿي. ڦر ڏيڻ کان پوءِ وڻ کي وڍي ڇڏبو ته وري ڦٽندو ۽ پندرهن فوٽن تائين وڌي ويندو ۽ وري به گهڻو ئي ڦر جهليندو. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي. گهڻن هنڌن ۾ ته جهنگلي ٻير ٿيندا آهن. هن جون ڪي خاص ذاتيون پسنديءَ جهڙيون ٿينديون آهن. ٻير مٺا ٿيندا آهن.
 
ٻير تازا به کائيندا آهن ۽ سڪائي به کائيندا آهن، جن کي ڪوڪلا چوندا آهن.<ref name="autogenerated1">ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
ٻيرن جو هڪڙو ٻيو قسم آهي، جو رڳو دوا جي ڪم ۾ ايندو آهي. انهيءَ کي عُناب چوندا آهن. ٻيا وري ننڍڙا جابلو ٻير ٿيندا آهن، جن کي ڄاڱرا ٻير چوندا آهن. انهن ۾ گهڻي ڳر ڪا نه ٿيندي آهي. انهن جو وڻ نه پر ٻُوڙو ٿيندو آهي.<ref>ڪتاب: باغname="autogenerated1" ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
سڀ کان عمدي ذات ٻيرن جي اها آهي، جنهن کي صوفي ٻير چوندا آهن. هندستاني مالهي انهن کي پيوندي ٻير يا ڪول ڦل چوندا آهن. هي به ڪنڊن وارو وڻ آهي. اصل شام ملڪ جو آهي: مگر هندستان ۾ عام آهي. سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري هي ٻور جهلي ٿو، ساوڙا اڇا گل ڪري ٿو ۽ جنوريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڦر پچائي ٿو.<ref>ڪتاب: باغname="autogenerated1" ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
 
ميوو ننڍي صوف جهڙو ٿو ٿئي، تنهنڪري ته صوفي چونس ٿا. ڳر منجهس ججهي ٿي ٿئي، پر ڪا خوشبوءِ ڪا نه اٿس. صوفي ٻير ٻن قسمن جا ٿا ٿين. هڪڙا گول ۽ ٻيا بيضوي – گول ڦر واري وڻ به گول ٿين ٿا پنن ۽ بيضوي ڦر واري وڻ جا پن به بيضوي آهن. ڦر ڏيڻ کانپوءِ ستت ئي وڻن جي ڇانگ ڪندا آهن. ٻانهن جهڙيون ٽاريون به وڍي وجهندا آهن. هي وڻ ٻج مان ڪين ٿيندا آهن، تنهنڪري پيوند ڪرڻ جو ضرور ٿيندو آهي. پيوند سادي ٻير جي وڻ تي ٿيندو آهي. هڪڙي انچ جيترو حلقو سادي ٻير جي ٿڙ تي ڪوري، مٿس صوفي ٻير جو پردو رکي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ اک به رهندي آهي؛ پر پهرين اهو کل جو حلقو ٿوري وقت تائين پاڻيءَ ۾ ڀڄائيندا آهن. هوا کان بچائڻ گهرجيس. پيوند ڪرڻ کان پوءِ سادي ٻير جون ٻيون سڀ ٽاريون ڇانگي ڇڏڻ گهرجن.<ref>ڪتاب: باغname="autogenerated1" ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
 
پٽ جا ڪينئان، جيئن توت جي پنن تي پرورش پائيندا آهن، تيئن هن وڻ تي به پالي سگهجن ٿا. ٻير جا پن مال کي گاهه وانگي به چاريندا آهن ۽ ڪاٺي ٻارڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي ٿي.
ٻير کي انگريزيءَ ۾ رائونڊ پلم (يعني گول آلو) يا جُو جُوب چون ٿا.<ref>ڪتاب: باغname="autogenerated1" ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو</ref>
 
== حوالا ==