ڳجهارت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 5:
{{مبسس4}}
'''ڳجهارت''' (Ggujhaarat) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: '''ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي'''! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر [[استنبول]] ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي.
<ref>{{http://dic.sindhila.edu.pk/define/%DA%B3%D8%AC%D9%87%D8%A7%D8%B1%D8%AA.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.}}</ref>.<ref name="autogenerated1">.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>آرچر ٽيلر مطابق ڳجھارت ھڪ آفاقي فن آھي . ھن پنھنجي تحقيق ۾ سوين مختلف سماجن جا حوالا ڏنا آهن جن ۾ فنش، ھنگيرين، آمريڪي ريڊ انڊين، چائنيز، روسي ، ڊچ، فلپينو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجن ۾ ڳجھارت جو ذڪر ڪيو آهي.<ref>Archer Taylor, ''[http://www.archertaylor.com/contact-books.html English Riddles from Oral Tradition]'' (Berkeley: University of California Press, 1951), p. 3.</ref>. ڪيتريون ئي ڳجھارتون ۽ ڳجھارتي موضوع پوري دنيا ۾ ملن ٿا، تنھن ھوندي بہ مغرب ۾ گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان رواج مان نڪري ويون آهن ۽ انھن جي جاء ٻين زباني ۽ ذھني آزمائشن جھڙوڪ ڪئيز وغيره وٺي ڇڏي آهي. .<ref>Annikki Kaivola-Bregenhøj, ''[http://oa.finlit.fi/site/books/detail/12/riddles/ Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre]'', Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), p. 163 {{doi|10.21435/sff.10}}.</ref>ڳجھارت جو سڀ کان قديم رڪارڊ بابل مان مليو آهي جيڪو ان وقت جي اسڪول جي لکت جو حصو آهي.<ref>Archer Taylor, ''The Literary Riddle before 1600'' (Berkeley, CA: University of California Press, 1948), pp. 12–13, citing M. Jaeger, "Assyrische Räthsel und Sprichwörter", ''Beiträge zur Assyriologie'', 2 (1894), 274–305.</ref> ڳجھارتن جي مقابلن جو ذڪر مھا ڀارت ۾ پڻ آيو آهي.<ref>{{https://oa.finlit.fi/site/books/10.21435/sff.10/Annikki Kaivola-Bregenhøj, Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre, Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), pp. 11–12; doi:10.21435/sff.10.}} </ref>
 
==بيتن واريون ڳجهارتون==
 
 
(Poetic Riddle) :سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪچھرين ۾ ڳجھارتون بيتن يا ڏوھيڙن جي صورت ۾ ڏنيون وينديون اھن، ۽ انهن کي سگھڙ ڏوھيڙي جي صورت ۾ ئي ڀڃندا اھن. جيڪڏھن ھڪ ڌڪ سان ڳجھارت نه ڀڳي تھ پوءِ بيتن پٺيان بيتن جا وسڪارا لائي ڏيندا اھن. ڳجھارت ڀڃندڙ، ڳجھارت ۾ فقط ڪنھن لاڳاپي واري اسم جو نالو ورتو ته ڳجھارت ڀڄي پوندي، ۽ پوءِ ڳجھارت ڏيندڙ، ڳجھارت سڄي ڪري ٻڌائيندو آهي. مثال طور: ڳجھارت جو نمونو: ”ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪا نھ“ ڳجهارت ڀڃڻ وقت ڳجھارت ڀڃندڙ ويندو ذاتين ۽ پوک جا نالا کڻندو ۽ ٻيا سگھڙ به ساڻس شامل ھوندا. پوءِ اهي ڌڪن پٺيان ڌڪا ھڻندا ويندا آهن، ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪنڌ پيو لوڏائيندو ۽ چوندو: اڃا بچي، اڃا گٿو آھين، اڃا جيئري آھي، تان جو ڪنھن سگھڙ جو پورو ڌڪ وڃي لڳندو: جواب صحيح ھوندو تھ ڏيندڙ چوندو ”ويئي“ ۽ پوءِ سگھڙ ڳجھارت ڀڃي ٻڌائيندو. جيئن ھن ڳجھارت جا اسم آهن: ذات جا = مڱڻيجا، پوک جا = ٻيجا ڀڃڻي: ”مڱڻي جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪا نھ“ . <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحنname="autogenerated1" جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref> دنيا جو قديم بيتن وارين ڳجھارتن جو بچي ويل رڪارڊ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آھي جيڪو رگويد ۾ ڏنل آهي.<ref>A. A. Seyeb-Gohrab, ''Courtly Riddles: Enigmatic Embellishments in Early Persian Poetry'' (Leiden: Leiden University Press, 2010), 14.</ref>
 
==بي سري ڳجهارت==