ڳجهارت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 10:
 
 
(Poetic Riddle) :سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪچھرين ۾ ڳجھارتون بيتن يا ڏوھيڙن جي صورت ۾ ڏنيون وينديون اھن، ۽ انهن کي سگھڙ ڏوھيڙي جي صورت ۾ ئي ڀڃندا اھن. جيڪڏھن ھڪ ڌڪ سان ڳجھارت نه ڀڳي تھ پوءِ بيتن پٺيان بيتن جا وسڪارا لائي ڏيندا اھن. ڳجھارت ڀڃندڙ، ڳجھارت ۾ فقط ڪنھن لاڳاپي واري اسم جو نالو ورتو ته ڳجھارت ڀڄي پوندي، ۽ پوءِ ڳجھارت ڏيندڙ، ڳجھارت سڄي ڪري ٻڌائيندو آهي. مثال طور: ڳجھارت جو نمونو: ”ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪا نھ“ ڳجهارت ڀڃڻ وقت ڳجھارت ڀڃندڙ ويندو ذاتين ۽ پوک جا نالا کڻندو ۽ ٻيا سگھڙ به ساڻس شامل ھوندا. پوءِ اهي ڌڪن پٺيان ڌڪا ھڻندا ويندا آهن، ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪنڌ پيو لوڏائيندو ۽ چوندو: اڃا بچي، اڃا گٿو آھين، اڃا جيئري آھي، تان جو ڪنھن سگھڙ جو پورو ڌڪ وڃي لڳندو: جواب صحيح ھوندو تھ ڏيندڙ چوندو ”ويئي“ ۽ پوءِ سگھڙ ڳجھارت ڀڃي ٻڌائيندو. جيئن ھن ڳجھارت جا اسم آهن: ذات جا = مڱڻيجا، پوک جا = ٻيجا ڀڃڻي: ”مڱڻي جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪا نھ“ . <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref> دنيا جو قديم بيتن وارين ڳجھارتن جو بچي ويل رڪارڊ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ آھي جيڪو رگويد ۾ ڏنل آهي.<ref>A. A. Seyeb-Gohrab, ''Courtly Riddles: Enigmatic Embellishments in Early Persian Poetry'' (Leiden: Leiden University Press, 2010), 14.</ref>
 
==بي سري ڳجهارت==