ادرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 10:
[[عڪس:Koeh-146-no_text.jpg|thumb|ادرڪ جو ٻوٽو]]
'''ادرڪ'''(Ginger) زنجبيل جي ٻوٽي جو پاڙ نما ٿڙ(rhizome) آهي، جيڪو دوا، [[مصالحو|مصالحي]] ۽ خوارڪ جي سجاوٽ جي طور لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.
[[File:Ginger on Dark Board.jpg|380px200px|thumb|ڪٽيل ادرڪ]]
 
[[File:gingerfield.jpg|380px200px|thumb|rightleft|ادرڪ جو فصل]]
 
==تفصيل==
ھي ھڪ قسم جو وکر آھي، جيڪو اصل ۾ ٻوٽي جي پاڙ آهي. هيءَ هيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڍين واري ٿئي ٿي. سُڪل ادرڪ کي ”سُنڍ“ چئبو آهي. اُن جي کل ميراڻ تي مائل، خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي. ان جو ذائقو تيز ٿيندو آهي. طعام رڌڻ ۾ مصالحي طور ڪم اچي ٿي.
هن کي هندستانيءَ ۾ اَدرڪ ۽ انگريزيءَ ۾ جِنجَر، پارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ زنجبل چوندا آهن. هيءَ آلي يعني تازي به ڪم ايندي آهي، ٻوڙ ۾ يا آچار يا مربي ۾ ۽ سڪي به. هيءَ سانوڻ کان ٿورو اڳڀرو، مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پوکبي آهي. زمين تمام ڀلي هئڻ گهرجي. چريون هڪ هڪ فوٽ تي هجن ۽ ٻه يا ٽي انچ اونهيون هجن. انهن ۾ فوٽ فوٽ تي سنڍ جون ڳڙيون هڻي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏجن. جڏهن سلا نڪرن تڏهن گُڏَ ڪرڻ گهرجين ۽ جي برسات جو پاڻي گهڻو نه مليو هجين ته هٿ سان پاڻي ڏجين. جنوريءَ ۾ پاڙون نڪرڻ جهڙيون ٿينديون، سي ڪڍي چڱيءَ طرح ڌوئي رکي ڇڏجن. ٻج جي لاءِ ڳڙيون رکڻيون هجن ته جڏهن ٻُوڙا پنج ڇهه انچ وڏا ٿين تڏهن ڪڍي رکجن. سنڍ جي مربي ٺاهڻ جو چڱو رستو هي آهي: پهرين ڳڙيون باهه ۾ پوهي يا اُٻاري ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئجن. پوءِ کل لاهي صفا ڪجين. انهيءَ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. سير پاڻيءَ ۾ اڌ سير کنڊ وجهي پت جوڙجي، جنهن ۾ ٻن آنن جي اڇاڻ به چڱيءَ طرح گڏي ڇڏجي.
[[File:Ginger crop.jpg|380px200px|thumb|Ginger crop, hills near Kalaw, Myanmar]]
جوش ڏني کانپوءِ پت لاهي ٺارجي. پوءِ اها کڻي سنڍ جي مٿان وجهجي، جيئن منجهس ٻڏي وڃي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، وري اها پت ڪڍي نئين سر ڪاڙ هجي ۽ صاف ڪجي. جڏهن ٺري تڏهن وري انهيءَ سنڍ جي مٿان وجهجي ۽ ٽي چار ڏينهن رهڻ ڏجي. وري ٽيون ڀيرو مٿئين نموني وانگي ڪجي. وري چوٿون ڀيرو، جيسين ڪ پڪ ٿئي ته سنڍ جي هڏ ۾ پت گهڙي ويئي آهي. گرم پت وجهڻ سان سنڍ ڪومائجي خراب ٿي پوندي..<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
</ref>