ڪھاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ڪهاڻي، سڀ کان زياده، زندگيءَ جي عميق راز جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي. سڀ کان وڌيڪ معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي وهڪري کي تيز ڪري ٿي، سڀ کان زياده [[انسانيت]] جي سچي تصوير ڪڍي ٿي. ڇا لاءِ ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾، هر طرح هي نقش نگاريءَ کي سمائي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت جي آميزش، [[زمان ۽ مڪان]] جو ڀرپور احساس، انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي مقصدن جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه ملندي. اهوئي سبب آهي جو افساني ۾ هر دور جي زندگيءَ ۽ طرز معاشرت جو عڪس رهجي وڃي ٿو، جو نه رڳو ’[[ادبيات]]‘ جو، پر تمدني قدرن جو اهم ترين جزو پڻ بڻجي وڃي ٿو.<ref>پراڻي ڊائريءَ جو ھڪ ورق-سيد احتشام حسن؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:[[سنڌي ادبي بورڊ]]؛ 1962ع</ref>
 
==پلاٽ بغير ڪهاڻي==
(Plotless Story):
ڪيترن نقادن جي راءِ آهي ته پلاٽ کانسواءِ ڪهاڻي ڪجهه به نه آهي، ڇو ته پلاٽ ڪهاڻيءَ جي جان هوندو آهي. باقي جزا ضمني حيثيت رکندا آهن. پر جديد ادب ۾ نوان تجربا ڪيا ويا آهن ۽ نوان رجحان پيدا ٿيا آهن. ڀارت جي جديد اديبن ڪهاڻيءَ جي هڪ قسم کي ’ اَڪهاڻي‘ سڏيو آهي. ’اَڪهاڻي‘ ۾ ڪهاڻي نه هوندي آهي. اهڙي ڪهاڻي، رٿا (Plot) کانسواءِ لکي وڃي ٿِي. امر جليل جي لفظن ۾ ”اهڙا افسانا، خيالن جي ڪڙيءَ ۾ ڪڙي Association of thoughts جي آڌار تي لکيا ويندا آهن. پلاٽ ليس افسانو ويهين صديءَ جي ايجاد آهي جنهن جا علمبردار، ارنيسٽ هيمنگوي (1899-1961)، وليم سرويان (1908-1981)، ارسڪن ڪالڊ ويل (1903-1987ع)، البرٽو وغيره آهن. سنڌي ۾ آنند کيماڻي، لعل پشپ، وشنو ڀاٽيا، منير ماڻڪ، نسيم پارس گاد، مشتاق شوري ۽ ڪن ٻين اَڪهاڻيون لکيون آهن. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==