افسانو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
Undo revision 79584 by 119.160.119.174 (talk)
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 7:
=== وحدتِ تاثر ===
افسانو ٻي طرح جي ڪھاڻين کان ان ئي لحاظ سان منفرد ۽ ممتاز آھي تہ ان ۾ واضع طور تي ڪنھن ھڪ شيءِ جي ترجماني ۽ مصوري ھوندي آھي۔ ھڪ ڪردار، ھڪ واقعو، ھڪ ذھني ڪيفيت، ھڪ جذبو، ھڪ مقصد، مختصر اھو تہ افساني ۾ جيڪو ڪجھ به آھي، ھڪ ھجي۔<sup>[2]</sup> افساني جي ھي خاصيت تہ ھي پنھنجي اختتام تي قاري جي ذھن تي واحد تاثر قائم ڪري ٿو، وحدتِ تاثر چورائي ٿي۔
 
 
==معني ۽ مطلب==
 
افسانو/مختصر ڪهاڻي
 
(Short Story)
 
فارسيءَ ۾ ’فسانه‘ جو مطلب آهي دليان جوڙيل يا ڪوڙي ڳالهه. جڏھن اسان لفظ افسانو استعمال ڪندا اھيون، تھ ان مان اسان جو مقصد ”مختصر افسانو“ يا ”مختصر ڪھاڻي“ ھوندو اھي. اوڻهين صديءَ عيسوي ۾ افساني لکڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ ٿوري عرصي ۾ ھن صنف ايتري ته ترقي ڪئي، جو دنيا جي ادب تي ڇانئجي ويئي.”شاعريءَ وانگر افساني جي ڪا جامع ۽ مڪمل تعريف ناممڪن آھي. بنيادي طور افساني ۾ ڪو هڪ مکيه واقعو رکندڙ پلاٽ هوندو آهي ان کان پوءِ 20 صديءَ ۾ ان ۾ تبديلي ڪئي وئي. چيخوف ان کي عروج تي پهچايو. افسانو انساني مسئلن، جذبن، محبتن، نفرتن، خواھشن وغيره جو ترجمان ھوندو اھي. امريڪي افسانه نگار ايڊگرايل نپو (1809-1889ع) مطابق افسانو اھا ڪھاڻي اھي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي ٻن ڪلاڪن اندر پڙھي سگھجي.“ سر هيوز ڊبليو (1884 – 1941ع) مطابق ”مختصر افسانو مختصر ئي ھئڻ گھرجي، يعني واقعن ۽ حادثن جو مجموعو جنھن ۾ چرپر جي رفتار تيز ھجي. ارتقا غير متوقع ھجڻ ڪري ڪھاڻي ھڪ غير يقيني حالت مان گذرندي عروج تائين پھچي ۽ پڄاڻي تسلي بخش ٿئي.“ سنڌيءَ ۾ افساني جي شروعات 1914ع ۾ ٻن عالمن ڪئي. مرزا قليچ بيگ ”شريف بيگم“ لکي ۽ لعل چند امر ڏنومل ”حر مکيءَ جا“ لکيو. سنڌيءَ ۾ هن وقت افسانو، ڪهاڻيءَ جي نالي سان لکيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جا مکيه افسانه نگار جمال ابڙو، غلام رباني، حميد سنڌي، آغا سليم، سراج، اياز قادري، امرجليل، خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
 
 
=== حوالا ===