سکر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 73:
1889 ۾ لئنسڊائون پل ذريعي سکر کي پھرين دفعو روھڙيء سان ڳنڍيو ويو.[[File:Landsdown Bridge, Sukkur, Sindh.jpg|380px|thumb|سکر ۾ 1889 ۾ تيار ٿيل لئنسڊائون پل]]
 
سکر ضلعو پهريائين شڪارپور ضلعي جو هڪ حصو هو. 1901ع ڌاري، شڪارپور ضلعي کي ختم ڪري، منجهانئس ٻه ضلعا ٺاهيائون، يعني سکر ۽ لاڙڪاڻو. سکر جي ڪليڪٽرن جو ٻاٻو آدم ڪرنل ميهو هوندو هو، جنهن سڀ کان پهرين سکر کي ٺاهي ۽ سينگاري، موجوده صورت وٺرائي.<ref name="autogenerated1">ڪتاب:اھي ڏينھن اھي شينھن٬جلد،۱؛ليکڪ:پير علي محمد راشدي؛ايڊيشن:۲۰۰۰ ؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.</ref>سکر بيراج جنھن کي لائڊ بيراج جو نالو ڏنو ويو سو بہ برٽش دور ۾ ٺھيو جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سسٽم کي ڪنٽرول ڪري ٿو.ان بيراج جي ڊزائين سر آرنلڊ مستو ٺاھي ۽ سر چارلٽن ھيريسن جي ھدايتن مطابق جوڙيو ويو. ان جي تعمير 1923 ۾ شروع ٿي ۽ 1932 ۾ مڪمل ٿي.[[File:Sukkur Barrage in daylight.jpg|380px|thumb|سکر بئراج دُنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشيءَ جو منصوبو]]ھن بيراج جي ڪئنالن جي مدد سان اٽڪل ھڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.<ref>{{cite web|url = http://www.dawn.com/news/1029295|title = Rule violations threaten Sukkur Barrage|date = 16 July 2013|accessdate = 26 August 2014|website = dawn.com|publisher = |last = Kiana|first = Khaleeq}}</ref><ref>{{cite web|url=http://hpsukkur.brinkster.net/barrage.htm |archive-url=https://web.archive.org/web/20120330232609/http://hpsukkur.brinkster.net/barrage.htm |dead-url=yes |archive-date=2012-03-30 |title=Sukku Barrage |date= |accessdate= |website= |publisher= |last= |first= }}</ref>
1947 ۾ پراڻي سکر جي آبادي ڏھ ھزار ھئي ۽ نئين سکر جي آبادي اسي ھزار ھئي. ان آبادي ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد انڊيا مان آيل مسلمان مھاجرن جو وڏو اضافو ٿيو.1950 ۾ ھتي سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ ايسٽيٽ يا سائيٽ (.S.I.T.E) قائم ڪئي وئي. 1962 ۾ درياءَ مٿان لئنسڊائون پل جي ويجھو هڪ ٻي پل ٺاھي وئي جنھن کي ايوب پل جو نالو ڏنو ويو.
 
سِٽَ 102:
آٽو راٿفيلڊ (Otto Rothfield) سکر جو ڪليڪٽر هو. ان صاحب وڏا ڪتاب لکيا آهن، مثلاً ”هندستان جون عورتون“ (Women of India).
ڪليڪٽريءَ جي زماني ۾، خاندانن ۽ شريفزادن کي ڏاڍو همٿائيندو هو. عالم قسم جو انگريز هو. تحقيق جو خاص شوق هوس. مقامي ريتين رسمن جي کوجنا ڪندو وتندو هو. ڪابه نياري يا دلچسپ شي ڏٺائين ته ان جي ماهيت معلوم ڪرڻ لاءِ، سرڪاري ڪم بند ڪري، گوڏو کوڙي ويهي رهندو هو. گول ٿلهو منهن، ۽ قد ڊگهو هوس. مون کيس ڪيترا ڀيرا ڏٺو.
عالم ۽ محقق قسم جي انگريزن مان جو ٻيو صاحب سکر جو ڪليڪٽر ٿي آيو، سو هو ڊاڪٽر سارلي صاحب ، جنهن شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو آهي. جن ڏينهن ۾ سکر جو ڪليڪٽر هو، اسان ڪونه ٿي سمجهيو ته ڪو هو ايڏي پايي جو عالم آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته سکر وارن ڏينهن ۾ به هو پيو شاهه عبداللطيف متعلق خاموشيءَ سان تحقيق ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ محض منتظم پيو نظر ايندو هو. ضلعي جو وڏيرو ڪيتريقدر به ڇو نه سندس دوست هجي، پر جي ڪو غلط ڪم ڪيائين ته هرگز معاف نه ڪندس.<ref>ڪتاب:اھي ڏينھنname="autogenerated1" اھي شينھن٬جلد،۱؛ليکڪ:پير علي محمد راشدي؛ايڊيشن:۲۰۰۰ ؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.</ref>
 
==موسم==