چمپا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 29:
==عطرسازي==
انـگـريــزيءَ ۾ چمپا کي ’پلوميريا‘ چوندا آهن. سترهين صديءَ جي مشهور ماهر حيات چارلس چمپا ۽ ٻين گلن ۽ ٻوٽن تي نمايان ڪــم ڪـيـو هــو. فرانس ۾ چمپا مان ’چمپا پرفيم‘ ٺاهي وڃي ٿي. چمپا ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جو مشهور ٻوٽو آهي. هندستاني ۽ ملائي قديم ادب ۾ چمپا جو ڪارج اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ان جي پنن جي خوشبوءِ سان جن ڀوت ڀڄي ويندا آهن. چمپا جا گل هندن ۽ ٻڌن جي مندرن ۽ وهارن ۾ مذهبي رسمن ادا ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا آهن. چمپا جي گل ۾ رنگ، خوبصورتي ۽ هٻڪار ٽي خوبيون آهن، پر عجب آهي هن تي ماکيءَ جون مکيون نه ويهنديون آهن.<ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012</ref>
==حوالوطب==
 
نالا: عربي - فاغرو، هندي ۽ اردو - چمپا، سنسڪرت- چمپڪا، بنگالي- چانپا، انگريزي- (Michelia Champaca).
سڃاڻپ: هي هڪ سدا بهار ٻوٽو آهي، جنهن جا گل خوشبودار ۽ خوبصورت ٿيندا آهن. رنگ: گل نارنگي، ڇوڏا - خاڪستري، ڪاٺيون - اڇيون،. ذائقو: گل ڦڪا، ڇوڏا ڪوڙا.
مزاج: ڇوڏا ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ ۽ گل سرد تر.
مقدار خوراڪ: ڇوڏا پنجن کان پنڌرهن رتين تائين.
پيدائش: هماليه جي وچولي ڀاڱي، نيپال، بنگال، آسام ۽ برما وغيره ۾ ٿئي ٿي.
خاصيت: هن جا گل دل جي فرحت ۽ سـُـرور لاءِ عجيب آهن، جن مان عطر به ڪڍيو ويندو آهي. ڇوڏا نوبتي وغيره بخار لاءِ سفوف طور ڪتب آندا وڃن ٿا. اکين جي تقويت لاءِ هن جا گونچ پاڻيءَ ۾ پسائي اکين لاءِ استعمال ڪرائيندا آهن. هن جي پاڙ ڏهيءَ ۾ ملائي ڦٽن ۽ ڳڙهن تي لڳائجي ته آرام اچي وڃي ٿو.
 
== حوالا ==