ڪدو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: ڪدُو هي گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪي وڏا آني جي شڪل جهڙا ۽ ڊگها، ڪي ٻاٽليءَ جي شڪل جا ڳچيءَ سان، يا...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 2:
هي گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪي وڏا آني جي شڪل جهڙا ۽ ڊگها، ڪي ٻاٽليءَ جي شڪل جا ڳچيءَ سان، يا ٻن تُنبن سان، جي سڪي کان پوءِ فقير پورا ڪري، پاڻي کڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪن مان مرليون ٺاهيندا آهن؛ ڪي بلڪل گول ٿيندا آهن، جن کي سڪي کان پوءِ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ تنبا ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڪي وري تمام ننڍڙا ٿيندا آهن، جي سڪي کان پوءِ ناس رکڻ لاءِ دٻليءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن ۽ جن کي ”بلاغون“ سڏيندا آهن. پر پهريون قسم عام ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي. هي اڇا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. هنن جي به وڏن پنن واري ول ٿيندي آهي، جا وڻن تي ۽ مَنهَن تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ٻج به توريءَ وانگي سانوڻ ۾ پوکبو آهي ۽ سياري ۾کائبو آهي. جيڪي قسم ڪدوءَ جا، جي سڪي کان پوءِ فقيرن کي ڪم ايندا آهن، يا مرليون ٺاهيندا آهن، يا بلاغونن جي ڪم ايندا آهن سي ڪَڙا ٿيندا آهن..<ref>ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}