اڏوھي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 4:
 
هن ۾ ماکي جيان مڪمل ڪالونيون ٺاهي رهڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن جي رهائشي ڪالوني ۾ پڻ هر هڪ اُڏوهيءَ جا هڪ نظام موجب ڪم ورهايل ٿين ٿا. ائين هر هڪ اڏوهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي رهي ٿي. هنن جي ڪالونين يا ٻڌل شهرن ۾ مختلف پاڙن جو هڪ نظام ٿئي ٿو. انهن کي هلائڻ لاءِ به سندن پنهنجا اصول ٺهيل هوندا آهن. هي وڻن جي سڪل ڪاٺين وڻن جي پاڙن، ۽ جابلو علائقن ۾ پٿرن جي مٿان به مٽي جي ڍيرن جي شڪل ۾ شهر يا ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. ٿر ۾ هي گهڻو ڪري زمين جي اندر ننڍڙو سوراخ ٺاهي داخل ٿينديون آهن ۽ پوءِ اندر زمين ۾ مختلف رستن جي ذريعي پاڙا ٺاهي رهن ٿيون. اڏوهي ٻرن مان نڪري، ڪاٺين کي کائي، مٿانهين جاءِ تي پنهنجا مٽيءَ جا گهر ٺاهي ته ان کي برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ سمجيو وڃي ٿو. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=124 ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
اھم ضروري ڪم آھي.
اڏوھيءَ جا جيوڙا ننڍين ڪالونين جي صورت ۾ زمين اندر يا سڪل ڪاٺ ۾ گھر ٺاھي رھندا آھن. ڪاٺ ۽ ڪاغذ وغيره انھن جو پسنديدھ کاڄ اھي ۽ اڏوھي اھڙي قسم جي شين کي تمام گھڻو شوق سان کائي تباھھ ڪري ڇڏيندي آھي. اھا گرم (Tropical) ۽ نيم گرم (Sub-tropical) ملڪن ۾ گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي. اڏوھيءَ جي جيوڙن جي عادتن جي لحاظ کان انھن کي ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھجي ٿو، ھڪ سڪل ڪاٺ واريون (Dry Wood or Non-subterranean) اڏوھيون ۽ ٻيون زمين واريون (Subterranean) اڏوھيون.
سڪل ڪاٺ واريون يا Non-subterranean قسم جي اڏوھي گھڻو ڪري سامونڊي علائقن ۾ سڪل ڪاٺ اندر پنھنجيون ڪوٺيون ٺاھي رھندي آھي ۽ انھيءَ جي زمين سان ڪو تعلق نھ رھندو آھي.
زمين واري اڏوھي (Subterranean Termite) اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڪري سڀني حصن تي موجود رھي ٿي، جيڪا زمين اندر انھيءَ جي مٿاڇري تي ۽ انھيءَ کان علاوه ڪاٺ جي موزون حصن ۽ زمين تي رکيل ڪاٺ ۾ پنھنجا گھر ٺاھي، انھن کي کائي تباھھ ڪري ڇڏي ٿي. اڏوھين جا اھي گھر ڪافي سالن تائين رھي سگھن ٿا ۽ اھي جڏھن بلڪل ٺھي راس ٿين ٿا، تڏھن انھيءَ ۾ ڪروڙن جي انداز ۾ اڏوھي پيدا ٿي وڃي ٿي. انگريزيءَ ۾ اڏوھيءَ کي Termite کان علاوه White ant پڻ چيو وڃي ٿو. گھر جي سڀني اسمن کي اڏوھيءَ جي لاءِ جيت مار دوائن کان علاوھ، ڪاٺ جي انھن حصن کي ديوارن ۾ جڪڙيو ويندو آھي، تھ انھن تي عليحدھ طرح سان ڏامر جو تھھ يا سولگنم تيل جو تھھ چاڙھڻ بھ ضروري سمجھيو ويندو آھي. اھڙن اسمن ۾ در، دريون، روشندان، ڪاٺ جا ڪٻٽ وغيره اچي وڃن ٿا ۽ انھن جي صرف اھڙين ٻاھرين سطحن (جھڙوڪ فريم) جي چوڌاري ھن قسم جو عمل ڪيو ويندو آھي.<ref >ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: [[سنڌي ادبي بورڊ]]، ڄامشورو</ref>
 
==حوالا==