معين الدين چشتي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''خواجه معين الدين چشتي''': هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617 هه) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 هه) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.
'''خواجه معين الدين چشتي''':
 
هي بزرگ سجستان ۾ تولد ٿيو، ۽ خراسان ۾ تربيت حاصل ڪيائين. سندس والد بزرگوار خواجه غياث الدين حسن نيڪ طبيعت ۽ پرهيزگار شخص هو. ان جي وفات بعد اسباب وڪڻي، پيسا فقيرن ۾ ورهائي، سير و سفر تي نڪري پيو. ڪجهه وقت سمرقند ۽ بخارا ۾ رهي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عراق عرب ڏانهن رخ ڪيائن ۽ نيشاپور جي پسگردائيءَ ۾ ”هرون“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي، ٻه اڍائي سال حضرت عثمان هردني (وفات 617 هه) جي خدمت ۾ رهيو. ان کان روحاني فيض پرائي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. اتان بغداد طرف روانو ٿيو. ”سنجار“ نالي ڳوٺ ۾ پهچي شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 610 هه) جي صحبت ۾ اٽڪل ٻه مهينا رهيو. اتان جيل ۾ آيو ۽ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سان مليو. ان جي صحبت ۾ رهي، بغداد آيو؛ ۽ حضرت شيخ ضياءُ الدين جي صحبت ۾ ڪجهه وقت رهيو. بغداد ۾ شيخ اوحد الدين ڪرماني، حضرت خواجه صاحب کان روحاني فيض حاصل ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ حضرت شيخ شهاب الدين عمر سهروردي به کانئس روحاني فيض پرايو.
سير و سفر ڪندو حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيو ۽ اتان تبريز پهتو. اتان ٿي خرقان آيو. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيو. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندو، بزرگن سان ملاقاتون ڪندو، لاهور آيو، ۽ حضرت خواجه علي هجويري داته گنج بخش جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587 هه کان 588 هه ۾ لاهور ۾ آيو. لاهور کان دهلي آيو، ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانو ٿيو. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سنه 632 هه يا 633 هه ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ روضو مشهور زيارتگاهه آهي.
 
حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهيل ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول سنه 633 هه (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريداندين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي.<ref>چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيمھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو </ref>
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>
 
== حوالا ==