رسالو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: رسالو: ڪن اهم مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندو آهي، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 5:
شاهه جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام مجموعن جي صورت ۾ نٿو ملي ۽ گھڻو ڪري بياضن، ملفوضات يا تصوف جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. پر شاهه جي رسالي جي ترتيب (توڻي بياض جي صورت ۾ ڇو نه هجي) خاص آهي. انهيءَ ترتيب جا ٻه نمونا آهن. پهريون نمونو سُر سهڻي سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي سلسلي جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. پر ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آهي. اڄ بازار ۾ عام طور جيڪي رسالا ملن ٿا، انهن جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي ۽ محققن انهيءَ ترتيب کي معياري قرار ڏنو آهي، ڇو جو انهيءَ جو سلسلو شاهه ڪريم جي درگاهه واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البت شاهه جي درگاهه تي رکيل سڀ کان جھوني رسالي ”گنج“ جي شروعات سُر سهڻي سان ٿئي ٿي.
رسالي جي ترتيب موسيقي تي ٻڌل آهي. ان جي هر هڪ باب يا فصل کي سرود يا سُر چون ٿا ۽ وڌيڪ تعداد ۾ سُر ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب آهن هر سُر ۾ جيترو ڪلام آهي، سو انهيءَ سُر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. اهڙي ريت سُر يا سرود رسالي جو هڪ باب يا فصل به آهي ۽ راڳ به.اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي.
شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن. رڳو علامه آءِ - آءِ- قاضي مرحوم جو مرتب ڪيل رسالو اُڻٽيهن (29) سُرن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ڪن صاحبن وٽ اختلافي ٿي پيو آهي. جھُونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ ٻٽيهه (32) کان (36) تائين سُرن جا نالا ملن ٿا ، پر ٽيهن کان مٿي وارا سُر الحاقي آهن. اهي سُر شاهه سائين جا چيل ڪونهن. انهن ۾ ٻين شاعرن جو اهڙو ڪلام آهي، جو شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو. البت ٻين شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو تعداد شاهه سائين جي رسالي جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي.<ref> سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛
ظاهر آهي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جو هي نمونو، موجوده معيار تائين هڪدم ته نه پهتو هوندو. اهڙي سهڻي ترتيب جي اوسر ۾ ڪو وقت ته ضرور لڳو هوندو. <ref> سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>
 
 
==حوالا==