بابا فريد الدين گنج شڪر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 51:
 
فريد! مون ڀانيو ته رُڳو مون کي ڏک آهن پر ڏک سڄي جهان کي آهن. مٿي ڪوٺي تي چڙهي ڏٺم ته گهر گهر اها ئي ڏک جي آڳ پيئي ٻري! <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=281 سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
بابا فريد چشتي طريقي سان منسلڪ هو، سندن نالو فريدالدين ۽ لقب گنج شڪر هو. سندس ولادت جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. سيرالاولياءَ ۽ ٻين ڪن تاريخن 569 هه ڄاڻائي آهي. سندس روضي تي به اهائي تاريخ لکيل آهي. تذڪره نگارن لکيو آهي ته، بيعت وقت سندس عمر 18 سال هئي ۽ بيعت کان پوءِ 80 سال زنده رهيو. انهيءَ لحاظ سان به سندس ولادت جي تاريخ 560 هه صحيح معلوم ٿئي ٿي؛ ڇاڪاڻ جو سندس وفات جي تاريخ اتفاق راءِ سان 664 هه آهي. سندس والد بزرگ گوار جو نالو مولانا جمال الدين سليمان هو ۽ ديوان چاولي مشاخ، ضلعي ملتان جا ويٺل هئا. اڃان ننڍو ئي هو ته، سندس والد بزرگوار وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ کيس ڳوٺ جي عالم وٽ پڙهڻ ويهاريو ويو جتان ابتدائي تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان آيو: جتي قرآن حڪيم حفظ ڪيائين ۽ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقهه جو مشهور ڪتاب ”نافع“ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن نافع ڪتاب پڙهي رهيو ته، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو. حضرت خواجه جي نظر فيص اثر، حضرت باب فريد کي گهائي وڌو. ٿوري ئي گفتگو کان پوءِ حضرت خواجه جي دوست حق پرست تي بيعت ڪيائين. بزم صوفيه جي صاحب لکيو آهي، ته حضرت خواجه بيعت وقت حضرت باب ڏانهن مخاطب ٿي هيءَ رباعي پڙهي:
مقبول ترجز مقبل جاويد نشد
وز لطف تو هيچ بنده نوميد نشد..
لطف بکدام بنده پيو ست ومي،
کان ذره به از هزار خورشيد نشد..
ڪن تاريخن لکيو آهي ته بيعت ملتان ۾ نه ٿي، پر ان ملاقات کان پوءِ حضرت بابا فريد جڏهن دهليءَ ويو ته اتي ٿي. حضرت خواجه حسن نظاميءَ به ائين لکيو آهي. مولانا جمالي ملتان ۾ بيعت جي تصديق ڪري ٿو: ”همدران حين حضرت شيخ فريدالدين مسعود شرف ارادت مشرف شد“. ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”بتحقيق پيوسته است که حضرت فريد الدين مسعود در ملتان بيعت حضرت زبدت الاسرار شيخ الاسلام قطب الدين ڪاڪي روشي مشرف شد“.
جڏهن حضرت خواجه صاحب دهليءَ روانو ٿيو، تڏهن حضرت بابا فريد به سان همراه ٿيو. اڃا ٽي منزلون طئه ڪيون هئائون ته حضرت خواجه صاحب کين سڏي چيو ته، ”اڃا اتي ترس ۽ ظاهري علمن جي تحصيل ۾ پوري ڪوشش وٺ؛ ڇاڪاڻ جو بي علم زاهد مسخره شيطان آهي.“
مرشد جي حڪم موجب موتي ملتان آيو ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، تعليم حاصل ڪري، قنڌار هليو ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. اتان بغداد ويو ۽ شيخ الشيوخ شهاب الدين عمر سهرورديءَ سيف الدين باخرزي، سعدالدين حمدي، بهاءالدين حموي، شيخ او حدالدين ڪرماني، شيخ فريدالدين نيشاپوري جهڙين صوفين جي صحبت مان فيض پرايائين. پنجن سالن جي سياحت کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ دهلي ھليو ويو. هيٺيون شعر کين ڏاڍو وڻندو هو. ٻڌڻ سان روئيندا هئا ۽ بيهوش ٿي ويندا هئا:
در ڪوئي عاشقان چنا جان بدهند
کانجا ملک الموت نگجند هرگز.
سندن مريدن مان ڪيترائي وڏا عارف ٿيا، جن مان حضرت نظام الدين اولياء دهلويءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. ڪيتري ئي خلق خدا کي فيض ڏيڻ کان پوءِ 664 هه ۾ وفات ڪيائون.<ref>چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيمھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>
 
== حوالا ==