تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 40:
 
 
=== تاريخ کان اڳ وارو زمانو ===
 
 
[[علم هيئت]] جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو [[شمسي نظام]] هڪ [[گئس]] جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري [[وڏا سمنڊ]] ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا. ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي روشني وجهي اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا. قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها آهي [[کوپڙي،]] جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت رکي ٿي.ان کي ”[[پـِـٿيڪان ٿروپـَـس]]“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن 18922 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو [[علم طبقات الارض]] جي Oliocene زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو 550,000 (ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. [[هائڊيلبرگ]] (جرمني) شهر جي ويجهو 19077 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾ وري [[پلٽ ڊائون]] (Piltdown) [[انگلينڊ]] ۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي. هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ نه ٿيو آهي. ”[[علم الانسان]]“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا ۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال آهي ته اها کوپڙي 100,000 (هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ قديم زماني جي آهي. قديم زماني جي انساني کوپڙين کان سواءِ ڪيترائي اڻ گهڙيل اوزار ۽ هٿيار، جي ان زماني جي ماڻهن ٺاهيا، اهي هن وقت تائين سلامت آهن. انهن مان گهڻا پٿر جا ٺهيل آهن ۽ ڪي ڌاتوءَ جا. انهن مان تمام جهونن اوزارن متعلق، ]جن کي ”پرڀاتي يا شروعاتي پٿر“ (Eolithic) جا اوزار ڪوٺيو وڃي ٿو[ اڃا شڪ آهي ته اهي انسانن جا ٺاهيل آهن يا اُهي مورڳو عجيب شڪل جا قدرتي طرح ٺهيل پٿر آهن. جيڪڏهن اهي پٿر انسان جا ٺاهيل آهن ته پوءِ طبقات الارض جي علم مطابق چئبو ته انسان (هن دنيا جي تختي تي) ”اقرب“ (Pliocene) زماني ۾ موجود هو. پر ”جهوني پٿر واري“ زماني جي اوزارن نسبت ته اسان کي پڪ آهي. انهن لاءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني هٿن پٿر جي ٽڪرن مان اڻپوري طرح گهڙي ٺاهيا آهن. ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic Epoch) پنج هزار ورهين کان ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جو زمانو آهي. ان زماني جا قديم آثار، جهڙوڪ: ڪوڏريون، رَندا ۽ چاقو وڏين ندين جي ماٿرين مان لڌا ويا آهن، جيڪي نديون جهوني زماني جي سمنڊ ۾ وهندڙ برفاني ٽڪرين جي وهڪري سبب انهن ماٿرين ۾ رهجي ويون آهن. ان زماني کان پوءِ جا آثار، جهڙوڪ: سٺي نموني ۾ گهڙيل پٿر جا اوزار ۽ انهن سان گڏ هڏي ۽ سـِـڱ مان ٺاهيل اوزار انهن غارن مان لڌا ويا آهن، جي ڪيتري زماني تائين شڪاري قومن جي گهر جو ڪم ڏيندا هئا.<ref>ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو;
تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو</ref>
 
 
==خارجي ڳنڍڻا==