تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 9:
{{مبسس4}}
'''تاريخ''' (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.<ref>'''جامع سنڌي لغات''' جي ايپ</ref>
[[File:Calendar.svg|120px|thumb]]
 
لفظ '''تاريخ''' (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.
سِٽَ 28:
اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.<ref>ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو;
تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو</ref>
 
 
==تاريخ جا سرچشما يا مآخذ==