تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 33:
 
[[File:Historybooks.JPG|380px|thumb|بڪ اسٽال تي رکيل تاريخ جا ڪتاب]]
تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن.
[[File:ancientlibraryalex.jpg|center|380px]]<center>[[اليگزينڊريہ جي قديم لائبريري]]
بعد جي زماني جي تهذيبن بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پاپي روس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾ ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت ۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽ معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.
تاريخ کان اڳ وارو زمانو:
علم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد 3,000,000,000 (ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾ ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽ شايد 1,000,000,000 (هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾ لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان ٿيا.(1)