تاريخ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 23:
* (2) قوم پرستيءَ جو مطالعو يعني اهم واقعن کي ان نسل يا قوم يا ملڪ جي حمايت جي جذبي سان ڏسڻ.
 
اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.<ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AA%D8%A7%D8%B1%D9%8A%D8%AE انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref><ref>Encyclopedia Sindhiana</ref>لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي.
1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي:
”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“.
اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.<ref>ڪتاب:عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو;
تصنيف:ڊاڪٽر نبي بخش قاضي; ايڊيشن:2005ع;ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو</ref>
 
==حوالا==