لاڙڪاڻو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 71:
 
بمبئي سرڪار پنهنجن ٻن حڪم نامن هر هڪ نمبر 4942 (بامبي روينيو ڪوڊ 1870 جي سيڪشن 7 تحت) ۽ 4942.1 (انڊين رجسٽريشن ايڪٽ 3 آف 1877 جي سيڪشن 5 تحت) ذريعي پهرين آگسٽ 1901ع کان [[لاڙڪاڻو ضلعو]] قائم ڪيو ۽ ان لاءِ [[شڪارپور]] ۽ [[ڪراچي]] ضلعن مان هي تعلقا ڪڍي لاڙڪاڻي ضلعي کي ڏنا ويا. ضلعي شڪارپور جا تعلقا، لاڙڪاڻو، [[قمبر]]، [[رتوديرو]]، لب مهرڻ (ڏوڪري)، [[ڪڪڙ]]، [[ميهڙ]] ۽ [[نصيرآباد]]. ضلعي ڪراچيءَ جا تعلقا، [[جوهي]]، [[دادو]] ۽ [[سيوهڻ]]. هي حڪم ناما بمبئي سرڪار جي چيف سيڪريٽري جي. ڊبليو. پي ميوئر مڪنزئي جي صحي سان جاري ٿيا. <ref>[http://gulhayat.com/chronology1901.asp Chronology | Gul Hayat Institute<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
'''''چانڊڪو''''' (هاڻي لاڙڪاڻو)
[[آدم شاه ڪلهوڙو]]، ڪلهوڙن جو ڏاڏو، جو [[جونپور]] جي بزرگ ميران محمد جي گاديءَ تي ويٺو، سو چانڊڪي ۾ اچي رهيو. آدم شاه جو پوٽو ميان الياس چانڊڪي جي ويجهو دفن ٿيل آهي. سنه 896هه (سنه 1490ع) ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وقت مرزا شاه حسن کي مغل قنڌار کان وٺي چانڊڪيءَ ۽ ڪن ٻين شهرن تي آڻي ڪاهه ڪئي، پر ڄام نندي دريا خان جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو، جنهن مغلن کي وڃي شڪست ڏني ۽ انهيءَ لڙائي ۾ شاه حسن جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. سنه 927هه (سنه 1520ع) ۾ مرزا شاه بيگ جي راڄ ۾ مرزا سيوهڻ کان پوءِ چانڊڪي ۾ اچي رهيو. اتي بکر جي فساد جو ٻڌي اوڏي روانو ٿيو. سنه 928هه (سنه 1521ع) ۾: مرزا شاه بيگ بکر مان موٽي چانڊڪي ۾ آيو ۾ مير فاضل ڪوڪلتاش جي مرڻ ڪري هن جي لاش کڻائي بکر ڏي موڪليائين ۽ پاڻ به اوڏانهن ويو ۽ پوءِ اتان گجرات روانو ٿيو. سنه 998هه (سنه 1589ع) ۾ جڏهن [[اڪبر بادشاهه]] سنڌ ۾ آيو، تڏهن [[مير معصوم شاه بکر وارو]] وٽس ويو ۽ بادشاهه کيس چانڊڪي جو پرڳڻو ۽ [[درٻيلو]] جاگير ڪري ڏنا.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>
 
==لاڙڪاڻي جون لائبريريون==