حيدرآباد (سلجهائپ): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
Blanked the page
ٽيگَ: خالي ڪرڻ موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
==ٽنڊو آغا==
 
[[آغا ابراهيم شاه]] يا آغا اسماعيل شاهه يا مير ابراهيم شاه، سيد عبدالهادي شاه جو پٽ هو، جو اصل [[اصفهان]] جو ويٺل هو، جڏهن [[نادر شاه]] [[ايران]] تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو اتان نڪري سنه 1150هه ۾ [[هندستان]] ۾ آيو ۽ [[مدراس]] ۾ اتي جي راجا جو خاص شاهي حڪيم ٿيو. انهيءَ وقت سنڌ جو حاڪم [[ميان نورمحمد ڪلهوڙو]] هو، جنهن جي انهيءَ راجا سان دوستي هئي. انهي جي چوڻ تي راجا سيد کي ميان ڏي ڏياري موڪليو، جنهن هن کي گهڻي تعظيم ڏني. سگهوئي پوءِ راجا مري ويو ۽ سيد هتي رهجي پيو ۽ ميان جو وڏو امير ۽ شاهي حڪيم ٿيو. ميان نورمحمد جي مرڻ کان پوءِ [[ميان سرفراز]] جي ڏينهن ۾ عبدالهادي شاهه جو پٽ مير ابراهيم شاه به اچي پيءُ سان گڏيو. ٻاويهن ورهين جي جدائيءَ کان پوءِ هو ٻئي پاڻ ۾ گڏيا. جڏهن سنه 1193هه ۾ مير عبدالهادي شاهه وفات ڪئي، تڏهن مير ابراهيم شاهه پيءُ جي جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ ڪلهوڙن وٽ اڳوڻي ساڳي عزت پائيندو آيو. ڪڏهن وڪيل ٿي خراسان ۽ ڪابل جي بادشاهن ڏي به ويندو هو. جڏهن ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا، تڏهن مير ابراهيم شاهه جنهن کي آقا سڏڻ لڳا سو هنن وٽ به ساڳي عزت پائڻ لڳو. سنڌ هٿ ڪرڻ ۾ هن مير فتح علي خان ٽالپر کي گهڻي مدد ڏني. هن جو وڏو پٽ آغا اسماعيل شاهه ميرن جي پاران ٻارهن ورهيه ڪابل جي امير وٽ اول ۾ رهيو. آغا ابراهيم شاهه کي اٺ پٽ هئا، جن مان چار ته شڪارپور جا نواب ٿي رهيا: آغا زين العابدين شاهه ٻه ورهيه، جو پوءِ ڪراچيءَ جو به ڇهه ورهيه نواب هو؛ آغا تقي شاهه ٽيهن ورهين تائين؛ آغا ابراهيم شاهه چئن ورهين تائين ۽ آغا ڪاظم شاهه تيرهن ورهين تائين. ڪاظم شاهه ٽالپرن ۽ افغانن جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي هئي، تنهن ۾ مارجي ويو ۽ انهي سان گڏ خيرپور جي لشڪر جو سردار گولو شاهه به مارجي ويو. اهي آغا صاحب حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي پنهنجي ٽنڊي ۾ رهندا هئا، جنهن کي آغا جو ٽنڊو يا آغا اسماعيل شاه جو ٽنڊو ٿا چون. سندن اولاد اڃا اُتي رهندو اچي.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>