نوبل انعام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 18:
اُهو هيو نوبيل جي دماغ ۾ بين الاقوامي انعام قائم ڪرڻ جو پھريون تصور. تنھنڪري جڏهن هو 27 نومبر 1895ع ۾ پنھجي وصيت نامي جي تڪميل لاءِ ويٺو ته ان پنھجي پوري زندگي جي خيالن ۽ تمنائن جو اظهار هن نموني سان ڪيو جو هن پنھجي سموري دولت ۽ ملڪيت جيڪا اُن وقت 1500000 پائونڊ ۽ اڄڪلھ جي 6600000 پائونڊن جي برابر آهي هڪ ”نوبيل فائونڊيشن“ قائم ڪري ڇڏي ۽ اُن فائونڊيشن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنج انعام قائم ڪري ڇڏيا، جيڪي هر سال فزڪس، طب، ڪيميا، امن ۽ ادب جي شعبن ۾ ڏنا ويندا. [[File:Alfred Nobels will-November 25th, 1895.jpg|thumb|left|alt=A paper with stylish handwriting on it with the title "Testament"|الفريڊ نوبيل جي وصيحت جنھن ۾ ھدايت ڪئي ھئائين ته سندس سمورن اثاثن مان 94 پرسنٽ نوبيل پرائيز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن.]]
 
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجھ مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو.
[[File:Röntgen, Wilhelm Conrad (1845-1923).jpg|thumb|upright|right|alt=A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair. |[[Wilhelm Röntgen]] received the first Physics Prize for his discovery of X-rays.]]
اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. <ref>[http://sindhexpress.com.pk/epaper/index.aspx?Issue=NP_HYD&Page=Magazine012&Date=20170602&Pageno=13&View=1 نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو] روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017</ref>
 
==List of laureates==