"نوبل انعام" جي ورجائن ۾ تفاوت

٣٥٠ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
هر سال سوئيڊن ۾ سياري جي موسم ۾ هڪ شاندار پارٽي ٿيندي آهي جنھن جو سڄي دنيا جا ماڻھو هڪ سال تائين انتظار ڪندا آهن. هي مشھور پارٽي هر سال 10 ڊسمبر تي سوئيڊن جي گادي واري شھر ”اسٽاڪ ھوم“ جي ڪنسرڊ ھال ۾ ٿئي ٿي جتي ھر سال سوئيڊن جو بادشاھ اُن سال جي نوبيل انعام کٽندڙن کي تاڙين جي گونج ۾ انھن جا ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائيندو آهي. پر امن جو نوبيل انعام اسٽاڪ هوم ۾ نه ڏنو ويندو آهي. اُهو انھيءَ تاريخ ۽ انھيءَ وقت ”ناروي“ جي گادي واري شهر ”اوسلو“ ۾ ڏنو ويندو آهي. نوبيل انعام هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انعام آهي. دنيا جو ڪو به اهڙو مشهور واقعو نه آهي جنهن جي پويان نوبيل انعام جو ٽپو لڳل نه هجي مارڪوني جو سمنڊ پار تجربو هجي، مادام ڪيوري پاران ريڊيم ۽ يورينيم جي دريافت هجي، انساني رت جي گروهبندي هجي، ڊي اين اي جي دريافت هجي، پينسلين جي ايجاد هجي يا ٽرانزسٽر جي ايجاد ڇو نه هجي مطلب ته هر تجربي، هر نطريي، هر دريافت ۽ هر ايجاد جي پويان نوبيل انعام چمڪندو نظر اچي ٿو.
 
نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو.
نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو. الفرِيڊ جو تعلق سوئيڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو. نوبيل جا اباڏاڏا هاري ھئا نوبيل جي وڏي ڏاڏي نوبيليٽ جو نالو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جو پھريون فرد هُئو جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿيو هو اُن جو نالو نوبيلاسٽ هو. نوبيليٽ جي پوٽي جو نالو امونيل نوبيليٽ هيو. امونيل پنھجي خانداني نالي نوبليٽ کي نوبيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته اُن سوئيڊن جي فوج ۾ ڪجھ وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امونيل نوبيل جو پُٽ الفريڊ نوبيل هو. الفريڊ نوبيل 21 آڪتوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي تنھن هوندي به اُن هڪ پرائيوٽ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن، فرانسيسي شامل هيون اُنھن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي گڏوگڏ ڪيمسٽري جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.
[[File:AlfredNobel adjusted.jpg|thumb|upright|alt=A black and white photo of a bearded man in his fifties sitting in a chair. | الفريڊ نوبيل ان وقت اڻوڻندڙ حيراني ۾ اچي ويو جڏهن فرانس جي ھڪ اخبار۾ پنھنجي اوبيچوئري پڙھيائين تہ: موت جو سوداگر مري ويو.]]
نوبيل انعام سوئيڊن جي سائنسدان الفريڊ نوبيل قائم ڪيو هيو. الفرِيڊ جو تعلق سوئيڊن جي هڪ غريب گھراڻي سان هيو. نوبيل جا اباڏاڏا هاري ھئا نوبيل جي وڏي ڏاڏي نوبيليٽ جو نالو اختيار ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته هو پنھجي خاندان جو پھريون فرد هُئو جنھن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ھئي ۽ هو جنھن جاءِ تي پيدا ٿيو هو اُن جو نالو نوبيلاسٽ هو. نوبيليٽ جي پوٽي جو نالو امونيل نوبيليٽ هيو. امونيل پنھجي خانداني نالي نوبليٽ کي نوبيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اُن جو ڪارڻ اُھو هو ته اُن سوئيڊن جي فوج ۾ ڪجھ وقت نوڪري ڪئي هُئي ۽ فوج ۾ خانداني نالي کي ننڍو ڪري لکرائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. اُنھيءَ امونيل نوبيل جو پُٽ الفريڊ نوبيل هو. الفريڊ نوبيل 21 آڪتوبر 1833ع تي اسٽاڪ هوم ۾ پيدا ٿيو. اُن ڪنھن به تعليمي اداري ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي تنھن هوندي به اُن هڪ پرائيوٽ اُستاد جي مدد سان ڪيترن ئي زبانن جن ۾ انگريزي، روسي، جرمن، فرانسيسي شامل هيون اُنھن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي گڏوگڏ ڪيمسٽري جو به سُٺو علم حاصل ڪري ورتو.
 
اُنھي وچ ۾ اُن جو والد امونيل پنھجي معاشي حالتن کي سُڌارڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيو. امونيل به اڻ پڙهيل هيو پر اُن کي نئين نئين شين کي ايجاد ڪرڻ جي صلاحت موجود هئي، هو شروع کان ئي هوشيار هيو ۽ گهڻو ڪري ڪنهن نه ڪنهن کي شيءِ ايجاد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهندو هيو. پر اُن جون مالي حالتون ڪڏھن به سُٺيون نه رهيون، تنهن ڪري هو روس هليو ويو، جتي اُن هڪ فيڪٽري کولي پر ”ڪريميا“ جي جنگ جي ڪري اُن جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ 1859ع ۾ پريشان حالت ۾ واپس پنھجي وطن موٽي آيو. انھيءِ دوران الفريڊ نوبيل ۾ والد وارا مشغلا ۽ شوق پيدا ٿي ويا ۽ اُن کي به ايجادن خاص طور ڌماڪي ڪندڙ شين کي ايجاد ڪرڻ سان دلچسپي پيدا ٿي وئي. اُن نائيٽريٽ گئس جي ڌماڪي ڪندڙ مواد تي پنھجي تجربن جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اُنھن ڏينهن ۾ ايجاد ٿي چُڪو هئو. نوبيل پنھجي ايجاد ۾ گهڻو اڳيان وڌي چڪو هئو ته اُنھن نجربن جي دوران اُن جي تجربيگاھ ۾ هڪ ڏهڪائيندڙ ڌماڪي ڪري سندس ننڍو ڀاءَ ”ايمل“ مري ويو، اُن واقعي الفريڊ نوبيل کي ڏاڍو ڏک رسايو، پر نوبيل آڻ نه مڃي ۽ نيٺ 1868ع ۾ هو ”ڊائنامائيٽ“ ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ هن جي نتيجي ۾ نوبيل جا ڏينھن به بدلجي ويا ۽ اُن جو شمار مُلڪ جي دولتمند ماڻھن ۾ ٿيڻ لڳو. اُن پنھجي ايجاد جي دائري کي وڌائڻ شروع ڪيو ۽ سوئيڊن کان ٻاهر پنھجي ايجاد جو پيٽنٽٽ وڪرو ڪيو. جنهن جي ڪري اُن جي دولت ۽ شهرت ۾ واڌارو ٿيو، پر ان سان گڏوگڏ سندس فياضي ۽ همدردي جي خوبي ۾ به واڌارو اچي ويو.