نوبل انعام: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 17:
 
نوبل جي وفات 10 ڊسمبر 1896ع ۾ ٿي. هڪ مهيني کانپوءِ 1897ع ۾ جڏهن اُن جي وصيت نامي کي کوليو ته سڄي دنيا نوبيل جي اهڙي خواهش کي ٻُڌي ڪري حيران رهجي وئي. ڇاڪاڻ ته نوبيل جي دولت مختلف مُلڪن ۽ مختلف ڪاروبارن ۾ لڳل هئي، اُن ڪري اُن جي دولت کي اُن جي خواهش مطابق نقد شڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. اُن کانسواءِ نوبيل جا ڪجھ مائٽ به قانوني ڳالھين ۾ مصروف رھيا. اُن ڪري اُنھن سان به معاهدو ڪيو ويو ۽ ائين نوبل جي وفات کانپوءِ 1901ع تي اُنھن پنجن ئي شعبن ۾ انعام ڏيڻ شروع ٿيو. اُن سال فزڪس جو نوبيل انعام جرمني جي ”وليم رونتجن“، ڪيميا جو ھالينڊ جي ”جيڪب ھينڊرس وان هاف“، ادب جو فرانس جي ”سلي پرادهي“، طب جو جرمني جي ” ايمل بيرنگ“ ۽ امن جو نوبل انعام ريڊ ڪراس جي باني سوسٽرزلينڊ جي ”هينري ڊونان“ ۽ فرانس جي ”فيڊرڪ پاسي“ کي گڏيل طور تي ڏنا ويا. 1968ع تائين انھن پنجن شعبن ۾ نوبيل انعام پيش ٿيندا رھيا. 16 مئي 1968ع تي نيشنل بئنڪ آف سوئيڊن اعلان ڪيو ته بئنڪ جي انتطاميا اقتصاديات ۾ هڪ ”نوبيل ميموريل“ انعام جاري ڪري رھي آهي، هي انعام ماليت ۽ اعتبار کان هڪ نوبيل انعام جي برابر هوندو. تنھڪري 1969ع کان اقتصاديات ۾ به نوبيل انعام جي شروعات ٿي. ائين نوبيل انعام حاصل ڪرڻ ڪنھن انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش سمجھي ويندي آهي، پر دنيا ۾ چار ماڻھو اهڙا آهن جن ٻه ٻه ڀيرا نوبيل انعام حاصل ڪيو آهي، اُنھن ۾ هڪ فرانس جي مشھور خاتون سائنسدان مادام ڪيوري 1903ع ۾ فزڪس جو ۽ 1911ع ۾ ڪيميا جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. ٻيو آمريڪا جي ”ڊاڪٽر لائينس ڪال پالنگ“ 1954ع ۾ ڪيميا جو ۽ 1962ع ۾ امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. <ref>[http://sindhexpress.com.pk/epaper/index.aspx?Issue=NP_HYD&Page=Magazine012&Date=20170602&Pageno=13&View=1 نوبيل انعام جي ڪھاڻي، ڊاڪٽر يوسف سومرو] روزآني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، جمعو، 2 جون 2017</ref>
==نوبل پرائيز حاصل ڪندڙ==
 
==حوالا==