ڪپھ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 50:
ارڙھين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ هڪ انگريز فوجي آفيسر پاٽنجر [[سنڌ]] جو دورو ڪندي ڄاڻايو هئو ته، سنڌ ۾ وونئڻن جو فصل سڀ کان اهم آگي، جيڪو وچين ۽ ڏاکڻي [[سنڌ]] جي علائقي ۾ وڏي پيماني تي پوکيو ويندو آهي. اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته وونئڻ ٻن قسمن جا پوکبا هئا. هڪڙا دائمي وڻن وانگر ۽ ٻيا مندائتا يا هڪ سال وارا وونئڻ هئا.
 
شروعاتي ۽ جديد دؤرن ۾ [[سنڌ]] جي ڪپھ جو واپاري ۽ صنعتي سفر جاري رهندو آيو. [[سنڌ]] جو ڪپڙو [[ايران]] ۽ ترڪيءَ ۾ مشهور هو. هتان جو ڪپڙو بصري ۽ ڪانگو جي بندرن ڏانهن به ويندو هو. سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ ٺٽو، نصرپور، درٻيلو، ۽ ڪنڊيارو ڪپڙي جي صنعت جا مرڪز هئا. 1402ع ڌاري [[ايسٽ انڊيا ڪمپني]] [[سنڌ]] جي ڇھه هزار بافتي جي ٿانن جو آرڊر ڏنو. 1436ع ۾ فريملن ايسٽ انڊيا ڪپني کي اطلاع ڏنو هو ته سڄي هندستان جو ڪپڙو [[سنڌ]] جي ڪپڙي جهڙو ناهي ۽ نه وري واپار لاءِ ايترو مال (ڪپھ) ٻئي ڪنهن هنڌان ملي سگهندو، سنڌ جو ڪپڙو رنگ ۽ اوڄ ۾ ڀلو آهي. <ref>[https://iaob.wordpress.com/2016/10/08/cotton/ ڪپھ يا وونئڻ | Indus Asia Online Blog<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>سنڌ جا فصل جديد پوک ۽ پيداور، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع</ref>