ڊمبرٽن اوڪس ڪانفرنس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
'''ڊمبرٽن اوڪس ڪانفرنس''' (Dumbarton Oaks Conference) آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن (ڊي .سي) ۾ 21 آگسٽ کان 7 آڪٽوبر 1944ع تائين آمريڪي انڊر سيڪريٽري ’ايڊورڊ ريلي اسٽيٽينس‘ جي صدارت ۾ ٿي. اِن ڪانفرنس جو بنيادي مقصد [[گڏيل قومون|گڏيل قومن]] واري اداري جي بنيادي جوڙجڪ ۽ مقصدن تي بحث ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ سوويت يونين بدران چين شرڪت ڪئي. اِن ڪانفرنس ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جي صورتحال ۾ دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو گڏل طريقيڪار ٺاهڻ ۽ هڪ اهڙي سلامتي جي اداري جي قيام بابت ويچاريو ويو، جيڪو ”ليگ آف نيشنس“ جي ناڪاميءَ کي نظر ۾ رکندي، گڏيل سلامتيءَ بابت جوڳي ضمانت ڏيئي سگهي. ان ڏس ۾ ڪانفرنس کي سلامتي ڪائونسل جهڙو ادارو جوڙڻ ۾ مدد ملي. اِن ڪانفرنس ۾ طئي ڪيل تجويزن جي مسودي ۾ ٿورڙي ڦيرڦار ڪري، 1945ع ۾ ”سئن فرائسسڪو“ ڪانفرنس ۾ هڪ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ گڏيل قومن جو بنيادي چارٽر جوڙيو ويو. ان لحاظ کان هن ڪانفرنس جو گڏيل قومن وارو ادارو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار آهي.<ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Dumbarton%20Oaks%20Conference.php Dumbarton Oaks Conference | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==حوالا==