مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ م...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاهه محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين. 1923ع ۾ -بمبئي- ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1928ع ۾ سندس ملاقات محمد علي جناح سان سکر ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ -ايوب کهڙو- سائمن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ يادداشت نامو پيش ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ، -بمبئي- پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ -ايوب کهڙو- 1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو.
1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي، جنهن جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو. قيام [[پاڪستان]] کان پوءِ غلام حسين هدايت -الله- سنڌ جو پهريون گورنر ۽ -ايوب کهڙو- پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا -ائڪٽ- هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن ته مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمه جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. 1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. -ان- کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو ۽ 20 -آڪٽوبر- 1980ع تي وفات ڪيائين. محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، -ان- ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهه اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي به روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميده کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي -تاريخ- جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D9%88%D8%A8%20%DA%A9%D9%87%DA%99%D9%88 ايوب کهڙو : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}