طبقو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: لفظ '''طبقي''' جو عام استعمال اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن کي اڳ ۾ سماجي ڌڙا چيو ويندو ھو، خاص طور...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 3:
ان تصور جا بنيادي اھڃاڻ اسڪاٽلئنڊ جا تاريخدان ۽ سماجي فيلسوف جان ملر ({{lang-en| '''John Muller'''}}) جي مضمون ”چٽن طبقن جي ابتدا 1771ع ۽ اُتر آمريڪا جي فيڊرلسٽ سماج ({{lang-en| '''Federalist Society'''}}) جنھن ۾ جاگيردارانه ورثو موجود ئي نه ھو، ۾ ملن ٿا. اڳـتي ھلي جيمس ميڊيسن ({{lang-en| '''James Medicine'''}}) مٿي بيان ڪيل فيڊرلسٽ سماج ۾ پيداواري قوتن ۽ پيدائش جي ورھاست تفصيلي طور بيان ڪندي، مختلف طبقن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي ته انھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مفادن جي بنياد تي ۽ سياسي طرح به دشمنيءَ وارو لاڙو ھو. جنھن کي اڳـتي ھلي مارڪس پڻ محسوس ڪيو ۽ چيائين ته: ”اھو رڳو منھنجو ڪم نه آھي ته مون جديد سماج ۾ طبقن جي موجودگي ڳولي لڌي آھي ۽ پڻ انھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳولي لڌي آھي. پر مون کان گھڻو اڳي بورجوازي ({{lang-en| '''Bourgeoisie'''}}) تاريخدانن، طبقن جي ارتقا ۽ منجھن موجود ڇڪتاڻ بيان ڪئي آھي.
 
ڪارل مارڪس ({{lang-en| '''Karl Marx'''}}) ۽ فريڊرڪ اينگلس ({{lang-en| '''Friedrich Engels'''}}) ڪميونسٽ مينيفيسٽو ({{lang-en| '''The Communist Manifesto'''}}) ۾ لکيو آھي ته: ”آزاد ماڻھو ۽ غلام ماڻھو، محب وطن ۽ غدار، آقا ۽ نوڪر، ٽرانسپورٽر ۽ مسافر چِٽا طبقا آھن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آھن. جديد سماجي تجزيا ٻُڌائين ٿا ته اھو طبقاتي تفاوت دشمنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ۽ اندر ئي اندر سماج کي ٻن واضح ڌُرين، بورجوازي ۽ پرولتاريه ۾ ورھائين ٿا.“ <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=25 سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام</ref>