سري لنڪا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 55:
 
تامل ماڻهو سنهالين کان وڌيڪ ڪارا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ جھٽ پٽ سڃاڻپ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو چينين ۽ تائيوان جي ماڻهن جي وچ ۾ يا ڪورين ۽ جپانين جي وچ ۾. سندن نالن جي آخر ۾ گھڻو ڪري ’م‘ ’مي‘ ’نون‘ يا ’راجا‘ جهڙا اُچار اچن. مثال طور: پارا راجا، سنگھام، ڪومارا سوامي، وائٿياناٿن، وگني راجا وغيره. تامل ڳالهائيندڙ گھڻو ڪري هندو مذهب جا آهن. ڪي عيسائي ۽ مسلمان پڻ آهن. سنهالين ۽ تاملن کان علاوه ٻيون به ڪجھ قومون، ذاتيون ۽ فرقا سريلنڪا ۾ مشهور آهن. مثال طور مور، برگر، ويدا، بورا، کوجا وغيره، مور عرب واپارين ۽ آفريقا جي حبشي مسلمانن جو اولاد آهن. جن جا وڏا واپار سانگي سلون ۾ آيا ۽ ڪن پاڻ سان زالون آنديون، ڪن هتي اچي شادي ڪئي. اهي سڀُ مسلمان آهن ۽ سريلنڪا جي اوڀر واري ڪناري ۽ ڪولمبو شهر ۾ گھڻا رهن ٿا. زبان گھڻو ڪري تامل ڳالهائين. مدراس ۽ بمبئي کان سواءَ پاڪستان کان آيل بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي پڻ ڪولمبو ۾ آهن. ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جا آيل '''سنڌي هندو واپاري سنڌي سڏجن ۽ ڪولمبو ۽ ڪئنڊي شهرن ۾ گھڻا آهن'''. ڊچن ۽ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ يورپين جو اولاد برگر سڏجي ٿو. انهن جي اولاد مان گھڻن سنهالين سان شادي ڪري، ملي جُلي ويا آهن پر ڪيترن پنهنجو پاڻ کي الڳ رکيو آهي. هنن جي ڪنهن زماني تائين، خاص ڪري غلاميءَ وارن ڏينهن ۾ وڏي لئه هُئي ۽ پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ برتر ۽ اتاهون سمجھندا هُئا پر آزاديءَ کان پوءِ قومي جذبي جاڳڻ تي سندن اها عزت ڪانه رهي آهي. نتيجي طور ڪيترا ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا لڏي ويا آهن ٻيا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ ڪُجهه هتي جي لوڪل ماڻهن سان رلي ملي ويا آهن. برگر گھڻو ڪري پروٽيسٽنٽ (ڪرسچن) آهن ۽ ڪُجهه ڪئٿولڪ پڻُ. سلون ۾ ڪُجهه بمبئيءَ جا واپاري، گواني، چيني ۽ آفريقا کان گھرايل مزدور شيدي جيڪي ’ڪافر‘ سڏائين ۽ ڏکڻ هندستان جا ڪجھه تيلگو ۽ مليالم زبان ڳالهائيندڙ پڻ آهن.
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=151 سي ئي جوڀن ڏينهن (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>ڪتاب: سي ئي جوڀن ڏينهن، ليکڪ: الطاف شيخ</ref>