دماغ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 11:
اسان پنهنجي حياتيءَ ۾ هر ڏيهاڙي ڪيترا ئي نوان تصور ايندا رهن ٿا. هن وقت ڌرتيءَ جي آبادي پنج يا ڇهه ارب آهي ۽ اڄوڪي ڏينهن ۾ هر هڪ انسان جي ذهن وٽ ڪيترا نوان تصور اُڀريا هوندا ۽ اهي سڀ گڏ ڪجن ته ڪيترا نوان تصور ٿيندا. انسان جو هر ڏهاڙي سوين هزارين نون تصورن سان واسطو پوندو رهي ٿو ۽ اهو عمل ماڻهوءَ جي معاملي ۾ گذريل ٽيهن سالن کان هلي رهيو آهي. نون نون عڪسن جو ٺهڻ، انهن جي ٽوڙ ڦوڙ، انهن جو ميلاپ، انهن جي ڪجهه حصن جي ٽٽوڙ ڦوڙ، انهن جي ڪجهه حصن جو ميلاپ، نون عڪسن جو ٻاهرين معاملن سان عمل وسيلي واهپو.
 
جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن وٽس ٻين عضون جيان هڪ عضوو، دماغ به آهي. جيئن ڏسڻ يا ٻڌڻ جي عضوي جو ڪم حواسن وسيلي پهچندڙ عڪسن کي سانڍڻ، سنڀالڻ ۽ ياد رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن به عضوي کان ڪو به عڪس دماغ تائين نه پهچندو، ته دماغ وٽ ڪو به تصور، ڪو به خيال نه هوندو. نئين ڄاول ٻار وٽ دماغ آهي، جيئرو آهي، حياتياتي ڪم ڪري ٿو پر وٽس ڪو به تصور، خيال، سوچ، ڄاڻ، سمجهه ڪانهي. جيڪڏهن سمورا حواس بيڪار هجن ته دماغ وٽ پنهنجي ليکي ڪو تصور ڪونهي. دماغ خيالَ، تصور، عڪس، اولڙا پنهنجو پاڻ پيدا نه ٿو ڪري پر حواسن وسيلي حقيقتن کان وٺي ٿو، سانڍي ٿو، سنڀالي ٿو، ياد ٿو ڪري. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=208 شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>ڪتاب: شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو</ref>