جبل: جي ورجائن ۾ تفاوت

٦٥ بائيٽون واڌ ،  ٤ سال پهرين
م
Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
دنيا جون اڪثر نديون جبلن تان وهڻ شروع ڪن ٿيون. دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي [[پاڻي]]ءَ جي حوالي سان جبلن تي مدار رکي ٿي. جبل ملڪن جي آبهوا کي متاثر ڪن ٿا. قطبن وٽ جتي ٻارهوئي [[برف]] ڄميل رهي ٿي. اتي ٿڌ کان سواءِ برفاني ڇپن (Glaciers) جي گهرڪڻ يا گسڪڻ جي ڪري جيڪا کاڌ ۽ ٽوڙ ڦوڙ ٿئي ٿي. اها جبلن وغيره جي شڪلين کي تبديل ڪري ٿي. انهيءَ علائقي ۾ Glacier Lakes (برفاني ڍنڍون) به ٺهن ٿيون. جبلن جي اوچائيءَ تي نه رڳو آب هوا، پر اتان جي نباتات ۽ حيوانات به متاثر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اوچن جبلن جي چوٽين، وچ ۽ پيڙهه وٽ جدا جيو ڏسائون (Ecologies) هجن ٿيون. ماڻهو جبلن تي رهڻ کان وڌيڪ سنئين زمين تي رهڻ پسند ڪري ٿو. جابلو ماڻهوءَ جي جسماني حالت به ڪنهن حد تائين مختلف هجي ٿي ۽ مٿانهينءَ تي خاص ڪري 3500 ميٽرن کان مٿي رهندڙ ماڻهن ۾ آڪسيجن جي ڪميءَ سبب ڪي مخصوص بيماريون به ٿين ٿيون. ڪن برفاني ۽ سرسبز جبلن کي تفريحي هنڌن طور مشهوري آهي. ڪن جبلن تي ڪن مخصوص راندين جو چهچٽو يا جوش خروش موسمي يا دائمي رهي ٿو. مثال طور: Skiing، Ice climbing، Rock climbing، Mountaineering، Hiking، Back packing، Lifts، Tram ways وغيره وغيره.
 
[[سنڌ]] کي به وت سارو جبلن جو حصو مليو آهي. سڄو اولهندو ڪنارو کيرٿر، وچ ۾ ڪٿي ڪٿي (روهڙيءَ جي آس پاس ۽ [[حيدرآباد]] جي اوسي پاسي ۾) ٽڪريون، ۽ ڏکڻ [[اوڀر]] ڪنڊ وٽ ڪارونجهر جبل، سنڌ کي به جبلن وارن خطن ۾ شمار ڪرائين ٿا. انهن جبلن مان سڀ کان آڳاٽو ڪارونجهر ۽ پوءِ لڪي جبل جو ٿورو حصو، باقي گهڻو ڪري Tertiary جيالاجي جي ٽئين دور ۽ ان کان پوءِ وارن دورن جا آهن. کيرٿر جبل جي اوچائي ڪن هنڌن تي 6000 فوٽن کان مٿي آهي. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%AC%D8%A8%D9%84 جبل : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{حوالا}}
[[زمرو:ارضيات]]
٦٬٥٠٩

سنوارون