باميان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اميان (Bamyan ) افغانستان جي شهر ڪابل جي -اتر- الهندي طرف 80 ميلن جي فاصلي تي هندوڪش جبلن جي وچ ۾ -برف-...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 5:
آثار قديمه جي مشهور پنج ماهرن جارج هاڪنز، آندري گوڊارڊ، مادام گوڊارڊ ۽ موسيو الفرڊ فوشا، -جن- 1922ع کان 1924ع دوران جدا جدا وقتن تي ”باميان ماٿريءَ“ ۾ موجود انساني وسندين ۽ اتي موجود گوتم -ٻڌ- جي وڏن شاهڪار مجسمن تي ڏينهن رات هڪ ڪري تحقيقي ڪم ڪيا, -جن- جي -تحقيق- مطابق قدبت جي لحاظ کان ننڍو مجسمو، جنهن کي اتي جي مقامي ماڻهن ”شمائيلا“ ٿي سڏيو، -ان- جي اوچائي 53 ميٽر هئي. اهو مجسمو پهرين صدي عيسويءَ ۾ گهڙيو ويو هو, جيئن ته هي سنگتراشيءَ جو شروعاتي دور هو، -ان- ڪري -ان- مجسمي جي جوڙجڪ ۾ بنيادي خاميون عيب پڌرا ٿي نظر آيا. انهن عيبن کي درست ڪرڻ لاءِ انهيءَ جابلو پٽيءَ ۾ شمائيلا مجسمي کان لڳ ڀڳ سؤ ميٽر مفاصلي تي هڪ ٻيو مجسمو تيار ڪيو ويو، جيڪو پهرئين مجسمي کان قدبت جي لحاظ کان 53 ميٽر وڏو هو.
 
باميان ماٿريءَ جي عروج جو زمانو تقريباً 200 ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ 200ع کان 500 ع تائين پنهنجي زوال کي رسي ٿو. جڏهن جديد -افغانستان- جي -تاريخ- جو مطالعو ڪجي ٿو. تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته انهن -ٻڌ- آثارن کي سڀ کان پهرين شديد نقصان -امير- عبدالرحمان جي دور ۾ رسيو، جنهن 1880ع کان 1893ع (تيرهن سال) طويل -جنگ- کان پوءِ اتي جي هزار جات قبيلي کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ هزاره آباديءَ جو قتل عام ڪيو. گڏوگڏ باميان ماٿريءَ ۾ موجود ڪيترن ئي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳن ۾ گوتم -ٻڌ- جي مجسمن کي شديد نقصان پهچايو. مارچ 2001ع ۾ طالبانن پاران توبن جي گولن سان مجسمن جي ڪمزور حصن، پيشاني ۽ هٿن کي اڏايو ويو. -ان- عمل کي سڄي دنيا ۾ ننديو ويو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D9%85%D9%8A%D8%A7%D9%86 باميان : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}