بالاڪوٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: صوبي سرحد جي ضلعي مانسهره جو مشهور ڳوٺ، جيڪو سمنڊ جي سطح کان 2900 فوٽ بُلند آهي. هندس...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 2:
سيد احمد بريلوي شهيد، سکن ۽ انگريزن جي وڌندڙ طاقت ۽ مسلمانن تي سندن ڏاڍ ۽ حڪومت خلاف جهاد جو جهنڊو بُلند ڪيو. شهيد احمد، جهاد لاءِ هندستان جو گشت ڪري مجاهد گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. ڪن رياستن جهاد ۾ مجاهد موڪلڻ جو وعدو ڪيو، ته ڪن مالي مدد ڪئي. جڏهن شهيد احمد بريلوي، سنڌ جي وڏي مجاهد پير صبغت -الله- شاهه راشدي -اول- وٽ آيو، ته اُن نه رڳو سندس مالي مدد ڪئي، پر 500 مجاهد به سندس حوالي ڪيا. شهيد احمد جو قافلو دشمن جي جاسوسن کان لڪندو -بالاڪوٽ- ۾ وڃي رسيو. سيد احمد شهيد جي سڏ تي ڪابل، ڪاغان، گلگت، دير ۽ چترال وغيره جي پٺاڻن ۽ ٻين قومن جي ماڻهن جو بي ترتيب هُجوم اچي گڏ ٿيو، -جن- جهاد جي مقصد کان هٽي عام ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي، تنهنڪري عام مسلمانن هن تحريڪ کي اهميت نه ڏني ۽ جيڪي مُجاهد سٺي مقصد سان گڏ ٿيا هئا، سي علحدگي اختيار ڪري ڇڏي ويا. باقي مجاهد سيد احمد شهيد سان گڏ رهيا. آخرڪار دشمنن 24 ذوالقعد 1246هه/ 6 مئي 1831ع ڌاري رات جي تاريڪيءَ ۾ حملو ڪري سيد احمد ۽ سندس جان نثارن کي نماز ۾ ئي شهيد ڪري ڇڏيو، صبح جو لاشن جي ڳڻپ ٿي، ته 500 شهيدن جا لاش ڏٺا ويا، پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اُهي سنڌ جا باشندا هئا ۽ کين -بالاڪوٽ- ۾ دفن ڪيو ويو.
بالاڪوٽ جو اصل ڳوٺ پنج سؤ فوٽ مٿي دڙي تي -آباد- آهي. هڪ وڏي نهر اُتر- اولهه واري پهاڙيءَ مان نڪري ڳوٺ مان لنگهندي درياهه ۾ شامل ٿي وڃي ٿي. هڪ ٻي نهر اولهه جي پهاڙن مان نڪري ڳوٺ جي اولهه طرف وهي، اها به درياءُ ۾ شامل ٿي وئي آهي. -بالاڪوٽ- پهرين به ڪاغان ماٿريءَ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي هڪ منڊي هو ۽ اڄ به ساڳي حيثيت رکي ٿو. -بالاڪوٽ- ڳوٺ جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ۽ پڻ درياهه جي ٻنهي طرفن نوان گهر ۽ بازارون تعمير ٿي ويون آهن ۽ ڪاروبار به عروج تي آهي. ڊاڪ -بنگلو- به ڪافي وقت جو ٺهيل آهي، جنهن جاءِ تي سيد احمد شهيد جي قبر ٻُڌائي وڃي ٿي، هاڻي اُتي چار ديواري تعمير ڪئي وئي آهي. شاهه اسماعيل شهيد جي قبر ڳوٺ کان هڪ ميل جي مفاصلي تي، اتر- -اوڀر- طرف آهي. -بالاڪوٽ- جي -جنگ- ڳوٺ جي اولهه ۾ مٿي، ڪوٽ جي دڙي تي وڙهي وئي هئي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D9%84%D8%A7%DA%AA%D9%88%D9%BD</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}