بابل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: قديم -بابل- جو نالو ”ڪالديا“ آهي، جنهن جو توريت ۾ ذڪر آهي. شروع ۾ ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجله درياهن ج...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 2:
بابل جو بنياد ”سرجون“ وڌو ۽ حمورابيءَ جي دؤر ۾ هن سلطنت جو عروج هو. تقريباً 1800 ق. م ۾ هتي خط ميخيءَ ۾ مختلف علمن، واپار ۽ فنِ تعمير فروغ حاصل ڪيو، پر پوءِ سترهين صديءَ ق. م ۾ خانه بدوش ’ڪاسين‘ (Kassites) جي حملن هن سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ -اشوري- سلطنت جي اقتدار ۾ اچڻ تي -بابل- کي ٻيهر عروج نصيب ٿيو. 689 ق. م ۾ سخيرب -بغاوت- ڪئي، پر 625 ق. م ۾ ينبو پولاسو -بابل- کي ٻيهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ -بخت نصر- جي دؤر ۾ -بابل- انتهائي عروج تي پهچي ويو. پوءِ 538 ق. م ۾ ايرانين سائرس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو ته -بابل- جو زوال شروع ٿي ويو. علم، فن، -تهذيب- ۽ ٻين حوالن سان -بابل- جون وڏيون خدمتون آهن. -بابل- جا ”ٽنگيل -باغ-“ دنيا جي عظيم عجوبن ۾ شمار ٿين ٿا. -بابل- ميسپوٽيميا جي علائقي واريءَ -تهذيب- جو اهم شهر هو، جيڪو چار هزار سال ق. م کان به گهڻو اڳ موجود هو. ميسپوٽيميا (دو آبو= دجله ۽ فرات جي وچ واري سرزمين) هاڻوڪو عراق آهي. 1750 ق. م ۾ بابيلونيا جي حمورابي -بادشاهه- -بابل- کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. -ان- وقت -بابل- دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويو. هي شهر فرات درياهه جي ڪناري تي ٻڌل هو. 689 ق. م ۾ -اشوري- -بادشاهه- -بابل- تي حملو ڪري -ان- کي برباد ڪري ڇڏيو. -ان- -بادشاهه- جو نالو سيناچوب هو. 625 ق. م ڌاري -بخت نصر- ٻئي، -بابل- کي ٻيهر تعمير ڪرايو. هن شهر کي درياهه تي پُل ٻڌائي، اولهائين ڪناري ڏانهن به شهر کي وڌايو. -بابل- ۾ هٿرادو اڏيل عجيب -باغ- هئا. جيڪي ستن عجائبات ۾ شامل آهن. 538 ق. م ۾ ايراني -بادشاهه- سائرس اعظم -بابل- تي قبضو ڪيو. 275ع کان -بابلي- -تهذيب- جو زوال شروع ٿيو. اڄ رڳو -ان- جا کنڊر يادگار طور بيٺل آهن. -بابل- ۾ هڪ تمام ڊگهي مينار جيان عمارت هئي، جنهن کي ”-بابل- جو -برج-“ به چيو ويندو هو. -ان- جي اوچائي 300 فوٽ هئي، جيڪا ستن منزلن تي مشتمل هئي.
بابلي -تهذيب- ۽ سنڌو -تهذيب- جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي. مثال طور: اُر، ڪيش ۽ -تل- آسمار جي قديم آثارن مان مليل اُڪر وارن ٺڪرن تي سنڌو دور جي مخصوص جانورن جون شڪليون ملن ٿيون. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي ”خط“ واريون لکتون ڏنل آهن. سُمير ۽ -تل- آسمار وٽ سارگن بادشاهن جي دور وارن ذخيرن ۾ سنڌو لوڪن جي مخصوص طريقي سان ٺاهيل ڪيتريون ئي شيون مليون آهن، جهڙوڪ نقش ڪيل موتين جا داڻا يا مڻڪا ۽ هڏن تي مخصوص گلڪاريءَ ۽ مٽيءَ وارا -ٺڪر- جا برتن. حيرت انگيز ۽ دلچسپ شيءِ نرم چيڪي مٽيءَ جي ٺهيل مُهر آهي، جنهن جي -پٺ- تي لهري ڪپڙي جو نشان يا -ٺپو- صاف لڳل هو. ڪن مهرن تي سنڌو لوڪن جي خاص علامتي نشانن جا ڇاپا لڳل آهن. سنڌوءَ جي هڪ قسم جي مهر تي سمير وارن جي مخصوص مخروطي اکرن جي تحرير موجود آهي. ”ميلوها“ کان جيڪي شيون حاصل ڪيون وينديون هيون، -جن- ۾ سون، عاج، عاج مان ٺهيل گلڪاريءَ واريون شيون، عاج مان تراشيل ميلوها پکي، ڦڻيون، آئينا، دٻليون ۽ سرايون وغيره شامل هيون. تِمر ۽ چُوري جي نالن سان سڃاتل ڪاٺ، جيڪو سنڌ مان -ايران- يا -بابل- ڏانهن موڪلبو هو. -بابل- جي آثارن ۾ سنڌو -تهذيب- جي هڪ مخصوص شهر جهڙيون ڳالهيون ۽ اتي جي ماڻهن جي تمدن جو هوبهو نقل نظر اچي ٿو. جاين جي اهائي مستطيل بيهڪ، پاڻيءَ جي نيڪال وارين نالين جو ڄار، مقرر نموني جا -اوزار- ۽ هٿيار، مهرن وارا -تعويذ-، -جن- تي سنڌوءَ جي جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن. اهي وصفون پڻ هن قديم -تهذيب- مان ملن ٿيون.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%A8%D9%84</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}