اڪبر جسڪاڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 3:
 
==جنم==
اڪبر جسڪاڻي ولد ڄام خان جسڪاڻي، پهرين سيپٽمبر [[1958ع]] تي [[سنڌ]] جي ضلعي [[دادو]]ءَ جي شهر [[جوهي]]ءَ ۾ ڄائو<ref>[http://affairnews.com/2015/07/%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1-%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D9%88%D8%B3%D8%B1%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D9%84-%D8%B4%D8%AE%D8%B5/ اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص ! | Affair - افيئر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==ننڍپڻ==
اڪبر ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد [[سعودي عرب]] ۾ گذاري ويو. اڪبر کي ناني ۽ نانيءَ پاليو. کيس ڪو چاچو يا مامو به نه هو.هن پرائيمري تعليم جوهي شهر جي مين پرائيمري اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ جوهي هاءِ اسڪول مان ڪيائين. بي.اي ۽ ايم.اي دادو ڪاليج مان ڪيائين. زندگيءَ جا اڙانگا پيچرا طئي ڪندي، 1975ع ۾ ”جيئي سنڌ“ تحريڪ جو ميمبر ٿيو. اُن کان پوءِ جيئي سنڌ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن (وطن دوست پارٽي) ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هن جوهي شهر ۾، ترقي پسند قومپرست شعور پکيڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت، جوهي شاخ جو بنياد به هن وڌو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد خلاف چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل به ڪمايائين.<ref name="autogenerated1">[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A اڪبر جسڪاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==نوڪري==
اڪبر جسڪاڻي کي مشهور اديب ۽ ڪهاڻيڪار سيد ظفر حسن جي دؤر ۾ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ۾ لائبريرين مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ 1987ع ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.<ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt name=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A"autogenerated1" </ref>
 
==ادبي سفر==
هن فتاح هاليپوٽي (شرجيل) جي همٿائڻ تي ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون شروعاتي ڪهاڻيون ماهوار ”سوجهري“ ۾ ٻارڙن جي صفحي ۾ ڇپيون. اُن کان پوءِ روزاني آفتاب، عبرت، [[سنڌ]] نيوز ۽ دُعا ۾ به لکيائين. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين جا مجموعا ”بتين واري ناني“ (ناوليٽ)، ”رمون پيٽي“ ۽ ”خيرو حجم“ جي نالي سان نثار حسينيءَ ڇپرايا، جن مان ’رمون پيٽي‘ ۽ ’بتين واري نانيءَ‘ کي سنڌي ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌالاجيءَ طرفان بهترين ڪتاب طور انعام ڏنو ويو. اڪبر جو ڪتاب ”گلڙن جا گهاءَ“، هالا جي دوستن ڇپرايو. ان کانسواءِ اڪبر جون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪهاڻيون ڇپيل آهن. اڪبر شادي نه ڪئي. <ref>http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt name=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A"autogenerated1" </ref>
 
==ٻاراڻي ادب جو سهيڙيندڙ==
اڪبر جسڪاڻي کان پوءِ ڄڻ ته ٻارن جو ادب ئي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن پنهنجي سڄي حياتي ٻارن کي ارپي. [[سنڌي]] سماج ۾ جتي ورهاڱي کان اڳ ادب سرجيو ويو ان کان پوءِ جيڪو آڱرين تي ڳڻڻ جيترو ڪم ٿيو ته ان جو وڏو حصو اڪبر جسڪاڻي ڏانهن وڃي ٿو.
==سانڍيل ڪتاب==
هن فوت ٿيڻ کان اڳ، سگا شاخ جوهيءَ پاران، جوهي شهر ۾ قائم ڪيل گاج لائبرري (هاڻي اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري<ref>[https://www.dawn.com/news/720917 ‘The tale of a library’ - Newspaper - DAWN.COM<!-- Bot generated title -->]</ref>)<ref>[http://sindhipedia.org/Akber_Jiskani#cite_note-1 Akber Jiskani - Sindhipedia<!-- Bot generated title -->]</ref> لاءِ پنهنجا سانڍيل ڪتاب ڊاڪٽر حميد سومري جي حوالي ڪيا. سندس دوستن [[عزيز ڪنگراڻي]]، شريف ٿهيم، ڊاڪٽر ستار ٻٻر، ڊاڪٽر جُمن باهوٽو ۽ ٻين اڪبر جسڪاڻي ميموريل لابرري کي پنهنجي طرفان نه صرف ڪتاب ڏنا پر مالي سهائتا به ڪئي. لائبرري لاءِ انگريزي اردو ۽ سنڌي اخبارون به گهرائڻ شروع ڪيون. هن لائبرري قائم ٿيڻ سان ڪيترائي نوجوانن کي مطالعي جو ماحول مليو. هيل تائين ڪيترائي ئي غريب نوجوان هن لابرري ۾ ويهي مطالعو ڪري چٽا ڀيٽيءَ جا امتحان ڏئي مختلف ادارن ۾ اهم عهدن تي رسيا آهن.
 
==پراسرار موت==
اڪبر جسڪاڻيءَ جو لاش حيدرآباد جي سحرش نگر واري ويران گهر مان، 13 آگسٽ 1999ع تي سڙيل حالت ۾ مليو. سندس موت اڄ ڏينهن تائين هڪ راز بڻيل آهي. اڪبر جسڪاڻي جي موت بابت ٻه ڳالهيون سامهون آهن, پر هن وقت تائين اهي ٻئي ڳالهيون ثابت نه ٿي سگهيون آهن ته اڪبر جو موت ڪيئن ۽ ڇو ٿيو؟ ڪي چون ٿا ته اڪبر جو قتل ٿيو هو، ته وري ڪي اهو به تاثر ڏين ٿا ته اڪبر آپگهات ڪيو هو، جيڪڏهن اڪبر جو قتل ٿيو هو ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا هئا ۽ جيڪڏهن هن آپگهات ڪيو هو ته ان جو سبب ڪهڙو هو؟ <ref name="autogenerated1" />
<ref>[http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A اڪبر جسڪاڻي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>[http://encyclopediasindhianaaffairnews.orgcom/2015/07/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1%20-%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D9%88%D8%B3%D8%B1%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D9%84-%D8%B4%D8%AE%D8%B5/#IKreSTWHkFuYmuqH.01 اڪبر جسڪاڻي – وسري ويل شخص ! | Affair - افيئر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>http://affairnews.com/2015/07/%D8%A7%DA%AA%D8%A8%D8%B1-%D8%AC%D8%B3%DA%AA%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D9%88%D8%B3%D8%B1%D9%8A-%D9%88%D9%8A%D9%84-%D8%B4%D8%AE%D8%B5/#IKreSTWHkFuYmuqH.01</ref>