اڏوھي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 3:
هن جيت کي پَرَ ڪو نه ٿيندا آهن. پرن وارا نر ۽ راڻيون (مادي اڏوهيون) فقط مينهن جي موسم ۾ گهرن کان ٻاهر اُڏامنديون نظر اينديون. اُڏامندي سندن پَرَ ڇڻي پوندا آهن، تنهنڪري آسانيءَ سان ٻين جيتن جو کاڄ ٿي وينديون آهن. هن جيت جو دشمن [[تتر]] (پکي) آهي، جيڪو ان کي چاهه سان کائيندو آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%8F%D9%88%D9%87%D9%8A</ref>
 
هن ۾ ماکي جيان مڪمل ڪالونيون ٺاهي رهڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن جي رهائشي ڪالوني ۾ پڻ هر هڪ اُڏوهيءَ جا هڪ نظام موجب ڪم ورهايل ٿين ٿا. ائين هر هڪ اڏوهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي رهي ٿي. هنن جي ڪالونين يا ٻڌل شهرن ۾ مختلف پاڙن جو هڪ نظام ٿئي ٿو. انهن کي هلائڻ لاءِ به سندن پنهنجا اصول ٺهيل هوندا آهن. هي وڻن جي سڪل ڪاٺين وڻن جي پاڙن، ۽ جابلو علائقن ۾ پٿرن جي مٿان به مٽي جي ڍيرن جي شڪل ۾ شهر يا ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. ٿر ۾ هي گهڻو ڪري زمين جي اندر ننڍڙو سوراخ ٺاهي داخل ٿينديون آهن ۽ پوءِ اندر زمين ۾ مختلف رستن جي ذريعي پاڙا ٺاهي رهن ٿيون. اڏوهي ٻرن مان نڪري، ڪاٺين کي کائي، مٿانهين جاءِ تي پنهنجا مٽيءَ جا گهر ٺاهي ته ان کي برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ سمجيو وڃي ٿو. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=124 ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==حوالا==