مدرشاھي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
{{مبسس4}} شروعاتي انسانن زمين جي پيٽ مان سرسبز سلا اڀرندي ڏٺا ۽ مختلف اناج، ٻوٽا ۽ ميووا زمين جي پئدائش هئڻ ڪري، هنن ڌرتيءَ کي انسان جي بهتر زندگي جو ضامن ڄاڻندي، ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي ماءُ ڪوٺڻ لڳا. ڇو جو عورت (ماءُ) ۽ ڌرتي ٻئي تخليق ڪندڙ شيون هيون. جڏهن عورت ننڍڙا گلاب جهڙا چهرا پئدا پئي ڪري سگهي ته ٻئي طرف ڌرتي جي سيني مان مختلف سون ورنا سنگ ۽ ڳاڙها ساوا ٻوٽا اڀرن پيا ۽ اتان فصل جنم وٺن پيا. ان ڪري انسان جي من ۾ انهن ٻنهي شين سان محبت ڪرڻ اڻ ٽر ڳالهه هئي. ان ڪري ئي هنن جو عقيدو هو ته، آسمان کي ۽ ستارن ڏي ڇو ڏسون، اُن ڌرتي جي ڌوڙ ڇو نه چمون، جيڪا اسان جي بهترين زندگي جي ضامن آهي. ان ڪري قديم ماڻهن ”ڌرتي-ماتا“ جي پوڄا شروع ڪئي، ان جا بت ٺاهيا، جيڪي عورت جي ئي شڪل جا هيا. سنڌو ماٿر جي قديم آثارن مان ”ماتا-ديوي“ جا مجسما نڪرڻ جو اصل سبب اهو ئي هو.
<ref name="autogenerated2">[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288 سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref name="autogenerated1">ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر</ref>
 
آڳاٽي ابتدائي سماج جي شروعات ۾ سڀئي رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جي خبرچار رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي '''اَماڻو، مائاڻو، يا ماءُ وارو راڄ يا سماج''' (matriarchal society) سڏجي ٿو.
سِٽَ 7:
مائن جي ماءُ گهڻي قدر سٺي، سٻاجهي، مٺي، مهربان، سيبتي، سلڇڻي ۽ پرگهور رکندڙ هئي. هر نيڪي، چڱائي، سلڇڻائي، پنهنجائپ، پيار، انس (لڳاءُ)، سڪ، ساڃاهه ۽ ڪردار جي سونهن رکندڙ ماءُ مهربانيءَ ۽ ٻاجهه جو حوالو هئي ۽ راڄ جو هر چڱو ڪم انهن جي ڳالهين، سوچن ۽ عملن موجب پرکيو ويندو هو. نيڪ سيرت، چڱيءَ چلت واريون مائرون نيڪيءَ، سونهن، سلڇڻائيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ سڀني کان سرس هئڻ ڪري نيڪيءَ جو نشان بڻجي وينديون هيون ۽ ان جهوني ماءُ جي انهن چڱائين جون يادگيريون سندس مئي پڄاڻا به پيون هلنديون هيون ۽ ڳڻ پيا ڳائبا هئا. مٺڙيون ڳالهيون ته منهنجيءَ امڙ جون، سڀ جي پيٽ جي کيس خبر هئي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ايڏي اڪير رکي وغيره. لاڳيتيون يادون، يادن ۾ وسندڙ خاڪو، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جو ماءُ سان واسطيدار تصور، پيار ۽ سڪ جو انساني عڪس، هڪ مٺيءَ ماءُ جو اولڙو اڳتي هلي ماءُ جي انساني روپ کان وڌي ياد ۾ خيالي روپ کي پختو ڪيو. ماتا ديويءَ جو تصور ايئن ٺهيو.
 
انسان جي ياد ماءُ جي روپ تي ماتا ديويءَ کي جنم ڏنو. ڌرتيءَ به پنهنجي سيني تي سڀ کي سانڍيو، پاليو ۽ پناهه ڏني پئي. ڌرتي به ماتا جيان سٻاجهي ۽ سهڻي آهي. ڌرتي ماتا ۽ ماتا ديويءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. پيار جي ديوي، سونهن جي ديوي، آباديءَ جي ديوي، ساوڪ جي ديوي، اوسيئڙي جي ديوي، امن ۽ شانتيءَ جي ديوي، وغيره ان اَماڻي يا ماءُ واري زماني مان ڦٽي نڪتل تصور آهن جن اڳتي هلي عقيدي ۽ ڌرم جي شڪل اختيار ڪري ورتي. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=208 شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>ڪتاب:شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو</ref>
<ref>[https://en.wikipedia.org/wiki/Matriarchy Matriarchy - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
قبيلن جي جٿن جي جلوس جي سرواڻي قبيلي جي مک عورت ڪندي هئي ۽ سڄو قبيلو ان جو احترام ڪندو هو. عورت کي ان وقت سماج ۾ تمام سٺيءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو. ۽ هن کي ’ڌرتي-ماتا‘جو درجو مليل هو. ۽ ان ”ڌرتي ماتا“ جون مورتون سنگتراش تراشڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. هيءُ سماج ”ماءُ آدرشي“ سماج هيو. ڇو جو عورت ئي کيتي جو رواج وڌو ۽ فصلن کي اپائڻ ۾ هن جو ئي هٿ سمجهيو ويندو هو. سر جيمس جارج فريزر پنهنجي مشهور ڪتاب '''گولڊن بو''' (Golden Bough) ۾ ان بابت چوي ٿو ته، ”هندستانين (سنڌين) جو اعتقاد هو ته عورت کي ماءُ جي حيثيت ۾ جنم ڏيڻ ۽ گهڻي اناج کي پيدا ڪرڻ جي قوت هئي.“ ان ڪري ئي عورت کي سنڌي معاشري ۾ اهم مقام حاصل هيو ۽ ان جي عزت ڪئي ويندي هئي. جڏهن فصلن جي ڪٽائي ٿيندي هئي ته عورت ئي فصل لڻڻ جي شروعات ڪندي هئي ۽ اناج جي ڪٽائي جي جلوس يا محفلن جي سرواڻي پڻ عورت ڪندي هئي. سنڌوءَ جي ڪناري 14 تاريخ جي چانڊوڪيءَ ۾ جيڪو ناچ ٿيندو هو، ان ۾ اهم ڪردار عورت ئي ادا ڪندي هئي. <ref>فريزر، سر جيمس جارج، ”جادو ۽ سائنس“ حصو: 2، ص-981</ref>
سِٽَ 20:
 
آمري، [[ڪوٽڏجي]]، موهن جي دڙي جي صفا شروعاتي آباديءَ وارن تهن مان اسان کي ان ”ماءُ آدرشي“ سماج جا آثار مليا آهن. جڏهن زرعي ترقي ٿي ۽ زراعت به مردن جو ڪم بڻيو ته ”ماءُ آدرشي“ سماج ٽٽي پيو ۽ ”پيءُ آدرشي“ سماج شروع ٿيو. موهن جي دڙي جي وچين دور کان اباڻو يا پيءُ آدرشي سماج ملي ٿو. ان کان اڳ هيٺين تهه مان مليل مورتون اماڻي يا ماءُ آدرشي سماج جي ساک ڀرين ٿيون. موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي هڪ عورت جي تخليق گاهه (پيڪ) مان سلو اڀرندي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو عورت کي تخليق جو مظهر سمجهڻ جو وڏو ثبوت آهي. ان کان سواءِ ضلع [[دادو]] ۾ آمريءَ جي اتر اوڀر واريءَ حد ۾ هڪڙو موهن جي دڙي جو هم عمر ماڳ ”لاکيو“ مليو آهي. جتان اسان کي ”ماتا ديوي“ جون مورتون مليون آهن. ساڳي نموني جون مورتون يعني ”ماءُ آدرشي“ سماج جا ثبوت اسان کي آمريءَ جي هم عمر ماڳ ڪلي ۽ ميهي مان پڻ مليا آهن. <ref>لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-104 </ref>
<ref name="autogenerated2" />
<ref>http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=288</ref>
<ref name="autogenerated1" />
<ref>ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر</ref>
 
==مادراڻو نظام==