ايسين: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 21:
1947ع ۽ 1952ع جي وچ ڌاري مُردار سمند جي الهندي ڪناري '''قمران جي غارن''' مان کَل تي لکيل جيڪي ٽڪرا هٿ آيا آهن، انهن مان به هن فرقي جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ عقيدن تي اڃا وڌيڪ روشني پوي ٿي. اهي '''ليکيل-کلون''' لڳ ڀڳ ٻه هزار سال پراڻيون آهن. انهن مان ڪجهه ته پراڻي عهد نامي جو نقل آهن، پر ڪجهه تي '''مغارين''' جا اقتصادي سماجي قانون ۽ ضابطا ۽ دعائون لکيل آهن. انهن مان پهرين صديءَ جي تاريخدانن جي بيانن جي پوري پَڪ ٿئي ٿي. قديم آثارن جي ماهرن '''تمران جي جبلن''' ۾، جيڪي بيت المقدس کان رڳو ويهه ميل پري آهن، کوٽائي ڪري '''مغارين''' جو هڪ پراڻو ڳوٺ به لڌو آهي. اهو ڳوٺ 135 ق.م لڳ قائم ڪيو ويو ۽ 70ع تائين يعني لڳ ڀڳ ٻه سَو سالن تائين آباد رهيو.
 
ٻي صدي ق.م ۾ فلسطين جو علائقو سڪندراعظم جي پوئلڳن جي قبضي ۾ هو. 135 ق.م ۾ جڏهن بادشاهه هرسانوس پروشلم جي يهودين کي يوناني تهذيب قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ته '''مغارين''' جي هڪ ٽولي يونانين جي ظلمن کان تنگ ٿي '''قمران''' جي جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ پوءِ اتي ئي لاڳيتو آباد رهيا. انهن جي پيشوا يا اڳواڻ جو نالو صدوق (سچو) هو، ان ڪري هو پنهنجو پاڻ کي '''صدوقي''' يا بني صدوق چوندا هئا. 70ع ۾ رومي فوجن جي هٿان پروشلم جي تاريخي برباديءَ کان پوءِ '''قمران''' جو '''صدوقي''' ڳوٺ تباهه ٿي ويو ۽ ان جو نالو نشان به نه رهيو. <ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272 مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ) (سبطِ حسن / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو / رياضت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>ڪتابِ پيدائش. باب 26</ref>
<ref name="autogenerated1">ڪتابِ خروج. باب 12</ref>
<ref>ڪتابِ استثناب. باب 13</ref>
<ref name="autogenerated1" />
<ref>ڪتابِ خروج. باب 12</ref>
<ref>Max Beer: Social Struggles in Antiquity. P-20. Landon. 1922</ref>
Encyclopaedia Brittanica. Vol. 8. P-718