ايس. جي. ڀاڳيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: نامياري اديب -ايس- جي -ڀاڳيا- جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل -ڀاڳيا- آهي. سندس -جنم- 6 نومبر 1955ع تي پني ع...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
نامياري اديب -ايس- جي -ڀاڳيا- جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل -ڀاڳيا- آهي. سندس -جنم- 6 نومبر 1955ع تي پني عاقل ۾ ٿيو. پرائمري -تعليم- پني عاقل جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان 1976ع ڌاري ڪيائين. وسيع مطالعو رکندڙ -ايس-. جي. -ڀاڳيا- پني عاقل ۾ ڊراميٽڪ سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ڪيائين. پاڻ انهن ڊرامن ۾ ڇوڪرين جا ڪردار به خوب نڀايائين. سنڌي ادبي سنگت سان سندس تعلق 1977ع کان رهيو آهي ۽ هن وقت تائين -ان- جو سرگرم ساٿي ڪارڪن آهي. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي چونڊن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي ۽ پني عاقل شاخ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هو مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائٽي جو سيڪريٽري پڻ آهي. جنهن جي پليٽ فارم -تان- اسڪول، ڪاليج ۽ ميڊيڪل سينٽر هلي رهيا آهن. -ايس- جي -ڀاڳيا- 1977ع ۾ سياست ۾ به حصو ورتو. شروع کان ئي کاٻي ڌر سان وابسته رهيو. بنيادي طور تي ڪميونسٽ -پارٽي- آف -پاڪستان- سان تعلق هئس، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ بي اين پي ۾ به ڪم ڪيائين ۽ هاڻ -پاڪستان- پيپلزپارٽي سان همدرديون اٿس. هن [[ايم آر ڊي]] تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. قومي، عوامي جدوجهد ڪندي ٻه ڀيرا جيل به ڪاٽيائين. 1985ع ۾ پني عاقل ۾ هڪ شاندار ”100 ساله جشن ڪنور -ڀڳت-“ منعقد ڪرايائين. سندس شاعري ۽ ڪالم ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿين ٿا.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%B3%20%20%D8%AC%D9%8A%20%DA%80%D8%A7%DA%B3%D9%8A%D8%A7 ايس جي ڀاڳيا : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}