اياز جاني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
اياز جاني جو پورو نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ. 4 آڪٽوبر 1967 تي ڳوٺ خير محمد آريجا لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم ڪوٽڙي، باڊهه ۽ نئوديرو مان ورتي.
== تعليم ==
1982ع ۾ مئٽرڪ نئون ديرو هاءِ اسڪول مان ڪئي. 1984 ۾ انٽر سائنس ڊگري ڪاليج رتوديرو مان، جڏهن ته گريجوئيشن 1986 ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. 1988 ۾ [[شاهه عبداللطيف يونيورسٽي|شاهه لطيف يونيورسٽي]] مان ايم اي سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%D8%A7%D8%B2%20%D8%AC%D8%A7%D9%86%D9%8A اياز جاني : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref> ادب ۾ 1980 ڌاري پروانو سيوهاڻي جي رسالي ”سرهاڻ ۽ ”گل ڦل“ ۾ لکڻ سان پير پاتو.
== روزگار ==
اياز جاني شروع ۾ ٽيليفون کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ گلشن حديد ڪراچي ۾ وڃي مستقل طور رهائش پذير ٿيو. 2 سال اڳ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرار ٿيو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار طور مقرر ٿيو. اياز جاني 1984ع ۾ نئون ديرو ۾ منٺار سولنگي ۽ زاهد مهراڻويءَ سان گڏجي ”ٻارن جي دنيا سنگت“ نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌو، اياز جاني آثم ادبي سنگت نئون ديرو، گھايل ادبي سنگت نئون ديرو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو سان 1986ع تائين واڳيل رهيو ۽ ان جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ ٿيو.
سِٽَ 8:
اياز جاني ماهوار “سارس“، ماهوار ”لهرون“ ۽ ماهوار ”همرچو“ ادبي رسالن سان پڻ واڳيل رهيو. هو شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ۾ ريسرچ آفسير طور به ڪم ڪندو رهيو. کيس ”قلندر شهباز بهترين شاعر“ ايوارڊ 2011 ۾ مليو، سندس جيون ساٿياڻي ساجده انصاري، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻي، ترتيبوار منصور علي، سرمد اياز، برکا اياز، ذوالفقار علي، حسين اياز، علي عباس ۽ علي قاسم شامل آهن.
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:سنڌي شخصيتون]]