اولڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اولڙو (Reflection ):عڪس يا پردو، -ان- کي روشنيءَ جي موٽ (Reflection) به چئبو آهي. جيئن ته روشني سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪ...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
اولڙو (Reflection ):عڪس يا پردو، -ان- کي روشنيءَ جي موٽ (Reflection) به چئبو آهي. جيئن ته روشني سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، تنهنڪري غير شفاف (Non-Luminious) جسمن تي روشنيءَ جا ڪرڻا پوڻ سان، اهي سمورا يا ڪجهه موٽ کائيندا آهن. پر جيڪي شيون لسيون ۽ وڌيڪ چمڪدار ٿينديون آهن، سي روشنيءَ جي ڪرڻن کي وڌيڪ نمايان ۽ سُٺيءَ طرح واپس ڪنديون آهن. جيئن آئينو يا ڪنهن ٻي شيءِ جي لسي سطح ۽ پاليش ٿيل سطح. اهڙي قسم جي اولڙي کي روشنيءَ جي باقاعدي موٽ (Regular Reflection) چئبو آهي. جڏهن اسين ڪو آئينو سج طرف جھليندا آهيون ته اس موٽ کائيندي آهي ۽ پوءِ آئيني جو رُخ جنهن طرف به ڦيرائيندا آهيون، -اولڙو- به انهيءَ طرف ئي رخ ڪندو آهي. آئيني وارو -اولڙو- ايترو ته چِٽو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهو ماڻهن جي اکين تي پوي، ته يڪدم -اکيون- پورجي وينديون اٿس. جهڙي ريت سج طرف -اکيون- کڻي نه سگھبيون آهن. روشنيءَ جي موٽ جا قاعده مشهور سائنسدان [[ابن الھثيم|ابن الهيشم]] (Ibn-ul-Hasham) معلوم ڪيا<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%88%D9%84%DA%99%D9%88</ref>.
 
== حوالا ==
{{حوالا}}