انگريزي ٻولي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 18:
هن ٻوليءَ جو اصل وطن [[برطانيا]] آهي، پر آمريڪا، اندورا، انگلوئلي، اروبا، آسٽريليا، برازيل، برٽش انڊيا، برٽش ورجن، آئيزلينڊ، برونائي، ڪمبوڊيا، ڪيمرون، ڪئنياڊا، ڪي مين آئيز، چين، هندوستان ۽ -پاڪستان-، -جپان- ۽ ٻيا سوين ملڪ -جن- ۾ -انگريزي- نه صرف ڳالهائي وڃي ٿي، پر -تعليم- جو ذريعو به -انگريزي- آهي. ڪيترن ملڪن ۾ برطانيا ۽ آمريڪا کان سواءِ هيءَ ٻولي سرڪاري ۽ قومي ٻوليءَ طور شامل آهي. دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي سڄو عام ۽ سائنسي ڪم هن ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو. ان لاءِ هن کي سائنسي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي.
 
هيءَ ٻولي هند يورپيائي، جرمنيائي، اولهه انگريزي ٻولين جي خاندان مان آهي. هي ٻولي رومن خط ۾ لکي وڃي ٿي. برطانيه ۾ 55000000 ۽ دنيا ۾ 1999ع جي رپورٽ موجب 30935280 ماڻهو هي -ٻولي- ٻي ٻوليءَ طور لکن پڙهن ٿا. آسٽريليا ۾ 15682000 ماڻهو، بربادوس ۾ 13000، برازيل ۾ 55998، برمودا ۾ 58800، (هتي به هي سرڪاري ٻولي آهي) برٽش انڊيا ۾ سرڪاري ٻولي، برونائيءَ ۾ قومي ٻولي 8000 ڳالهائڻ وارا، ڪمبوڊيا ۾ فرنيچ ٻوليءَ جي جاءِ وٺي رهي آهي، ڪينياڊا ۾ سرڪاري -ٻولي- 17100000 ڳالهائڻ وارا، چين ۾ (1993ع) 54000 خاص طور هانگ ڪانگ ۾، ايٿوپيا ۾ (1986ع) سرڪاري ٻولي. فجي ۾ (1976ع) 4929 سرڪاري ٻولي، گمنبيا هڪ هزار ماڻهن جي سرڪاري ٻولي، گهانا (1977ع) ۾ 1000000 سرڪاري ٻولي، گوانا ۾ قومي ٻولي، هندوستان ۾ قومي ٻولي 11021610 ڳالهائڻ وارا، آئرلينڊ ۾ قومي ٻولي 2600000 ڳالهائڻ وارا، -اسرائيل- ۾ انگلٽ (Anglit) لهجو ڳالهائجي ٿي. سرڪاري -ٻولي- شيم ئيل آهي (1993ع) ۾ 100000 ڳالهائڻ وارا، ڪينيا ۾ سرڪاري ٻولي، لبنان ۾ هي ٻولي گهرن يا بزارن ۾ ڪانه ڳالهائجي صرف 3300 (2004ع) ڳالهائڻ وارا، مالوي ۾ سرڪاري ٻولي 18000 هزار ڳالهائڻ وارا، مالٽا ۾ سرڪاري ٻولي 2400 ڳالهائڻ وارا. ماريشش ۾ سرڪاري -ٻولي- صرف 3000 ڳالهائڻ وارا. نائيجريا ۾ ڏهه لک، نيوزلينڊ ۾ سرڪاري ٻولي 3213000 ڳالهائڻ وارا ۽ ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن ۾ تمام گهڻو ادب پيدا ٿئي ٿو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%DA%AF%D8%B1%D9%8A%D8%B2%D9%8A انگريزي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==پُراڻِي يا آڳاٽي اَنگِريزِي==
جديد انگريزيءَ جِي ماءُ، جنھن کي اينگلوسيڪسَن پڻ سڏيو ويندو آھي. اھا 400ع کان 1100ع تائين برطانيا ۾ ڳالھائي ويندي ھئي. اِنَ کي اسمن ۽ صفتُن جون پنج حالَتُون آھي. <ref>[https://sd.wiktionary.org/wiki/%D9%BE%D9%8F%D8%B1%D8%A7%DA%BB%D9%90%D9%8A_%D8%A7%D9%8E%D9%86%DA%AF%D9%90%D8%B1%D9%8A%D8%B2%D9%90%D9%8A%D9%90 پُراڻِي اَنگِريزِيِ - Wiktionary<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
==وِچولي دورَ جِي اَنگِريزِي==
نئين انگريزيءَ جي ماءُ ٻولي، جيڪا سن 1100ع کان 1600ع تائين انگلستان ۾ ڳالھائي ويندي ھئي. ان جي اوسر اينگلو سيڪسن مان ٿي، جنھن تي نارمن قبضي کان پوءِ فرانسيسي ۽ لاطيني ٻولين جو تمام گھرو اثر پيو.
<ref>[https://sd.wiktionary.org/wiki/%D9%88%D9%90%DA%86%D9%8E_%D8%B2%D9%85%D8%A7%D9%86%D9%90%D9%8A_%D8%A7%D9%8E%D9%86%DA%AF%D8%B1%D9%8A%D8%B2%D9%90%D9%8A وِچَ زمانِي اَنگريزِي - Wiktionary<!-- Bot generated title -->]</ref>