انفارميشن ٽيڪنالوجي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 7:
موجوده وقت ۾ هي اصطلاح تمام گهڻي وسعت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڪمپيوٽنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيترن ئي پاسن کي پنهنجي دائري ۾ آڻي ٿو. هن شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو نيٽ ورڪنگ، انسٽاليشن ۽ ڊيٽا بيس جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏين ٿا. نه صرف ايترو، پر ادارن ۾ ڊيٽا مئنيجمينٽ، نيٽ ورڪنگ، هارڊ ويئر، انجنيئرنگ، سافٽ ويئر ڊزائينگ، ويب ڊزائينگ ۽ ڪمپيوٽنگ واري سموري نظام جي ترتيب ۽ تنظيم به هن شعبي جي ماهرن جي محنت جو نتيجو آهي.
هيءُ اصطلاح سڀ کان پهرين مشيگان جي جم ڊامسڪ (Jim Damsic) نومبر 1981ع ڌاري ايجاد ڪيو. ڊامسڪ، موٽرگاڏين سان لاڳاپيل هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪمپيوٽر مئنيجر طور ڪم ڪندو هو. سندس خيال هو ته ”ڊيٽاپروسيس“ وارو اصطلاح، جيڪو 1958ع کان استعمال ٿي رهيو هو، هاڻي ڪم جو نه رهيو آهي، تنهنڪري -ٽيڪنالاجي- جي ترقيءَ ۽ جدت کي نظر ۾ رکندي، -ان- جي جڳهه تي ڪو نئون اصطلاح جوڙجي ۽ اُن کي -انفرميشن ٽيڪنالاجي- سڏڻ گهرجي.
موجوده وقت ۾ دنيا جي سمورن ملڪ جي يونيورسٽين ۾ هن شعبي جو قيام عمل ۾ آندل آهي، جنهن سان هن شعبي جي ماهرن جو هڪ وڏو انگ مختلف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي، هر ملڪ جي ترقيءَ ۾ پائيداري پيو ڪري.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D9%81%D8%B1%D9%85%D9%8A%D8%B4%D9%86%20%D9%BD%D9%8A%DA%AA%D9%86%D8%A7%D9%84%D8%A7%D8%AC%D9%8A انفرميشن ٽيڪنالاجي : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}