انب جوڳي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: انب -جوڳي- (ڍولڪ نواز ):-انب- خان ولد بيکو خان -جوڳي- 1974ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ -جنم- ورتو. سندس ڏاڏو ڪانجي -ج...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
انب -جوڳي- (ڍولڪ نواز ):-انب- خان ولد بيکو خان -جوڳي- 1974ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ -جنم- ورتو. سندس ڏاڏو ڪانجي -جوڳي- پڻ ناليوارو ڍولڪ نواز ٿي گذريو آهي. -انب- -جوڳي- ننڍپڻ کان ئي ڍولڪ وڄائڻ جو شوق رکندو هو، جنهنڪري شروع ۾ اڪثر ڊالڊا جو خالي دٻو گڏ کڻندو هو. هن شروعاتي سکيا پنهنجي پڦاٽ راڳي سوڍي جوڳيءَ کان حاصل ڪئي. -ان- کانپوءِ -برادي- فقير کان شاگرديءَ جو سڳو ٻڌايائين ۽ پوءِ ڪلاسيڪل انگ ۾ ڍولڪ وڄائڻ جي سکيا لاءِ -استاد- نذر خان جو شاگرد ٿيو. ڪلاسيڪل انگ واري سکيا ۾ کيس ست سال لڳي ويا. -انب- کي 1988ع ۾ريڊيو -پاڪستان- ۽ شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ۾ -استاد- -امير- عليءَ متعارف ڪرايو. -ان- کانسواءِ پي ٽي وي تي پڻ انهيءَ دور ۾ پرفارم ڪيائين.
انب خان سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن سان گڏ محفل ڪئي آهي، -جن- ۾ حميرا چنا، فوزيه سومرو، -الله- ڏنو جوڻيجو، ديبا سحر، شمن علي ميرالي، -احمد مغل-، رازده پروين شامل آهن. -انب- خان خانگي ٽي وي چينل تي پڻ پرفارم ڪيو آهي ۽ ڇهه دفعا دبئي پڻ ويو آهي. پهريون ڀيرو ڪي. ٽي .اين طـرفـان هڪ پروگرام ۾ دبئيءَ ويو، -جتي- هن صادق فقير، [[احمد مغل]]، سجاد يوسف، ديبا سحر ۽ طفيل سنجراڻيءَ سان سنگت ڪئي ۽ ٻئي دفعي -برڪت علي ڀٽ-، ثمينه، ڪنول، ضامن علي ۽ -انڊيا- جي مهيش چندر (ماسٽر چندر جي پٽ) سان سنگت ڪئي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%A8%20%20%D8%AC%D9%88%DA%B3%D9%8A</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}