سيد حيدر شاھ حقاني رضوي (انگريزي: Syed Hyder Shah Haqani Rizvi ) ھڪ وڏو ديني عالم ھو جيڪو سن 915ھ يا 1509ع ۾ بکر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس ننڍپڻ بہ بکر ۾ گذريو. ديني تعليم پڻ بگر جي مدرسن ۾ حاصل ڪيائين[1]. سندس وڏا بکر کان روھڙي لڏي ويا ھئا جنھن ڪري ھي پڻ اتي لڏي آيو[1]. سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي ميزبان حسين رضي الله عنه جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي. شجره خاندان سادات رضوي ۽ ٻين خانداني روايتن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سيد حيدر شاھ جي آخري آرام گاه جي ڀرسان هڪ مسجد شريف هوندي هئي، جنهن جي ڀرسان حجرو ٺهيل هو. حجري جي ڀرسان سندس رهڻ جي حاويلي پڻ هئي[1]. سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي انهيءَ حجري جي ٻاهران سن 980ھ (1572ع) ۾ سيدنا حضرت امام حسين رضي الله عنه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ زيارت وقت سيد حيدر شاهه سان گڏ سندس فرزند سيد عبدالستار شاهه ۽ سندس ڀائيٽو سيد ابوالمعالي بن شاھ عيسيٰ به هئا[2][1]. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ وقت سيد حيدر شاهه جي عمر 65 ورهيه هئي[3]. سيد حيدر شاهه حقاني 21- شعبان المعظم 1039ھ (5 اپريل 1630ع) تي وفات ڪئي[1].

روھڙي ۾ نبي پاڪ صه جو وار مبارڪ

سنواريو

روهڙي شهر ۾”وار مبارڪ“ جي درگاه آهي، جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وار مبارڪ رکيل آهي ۽ ان جي عام زيارت ڪرائي ويندي آهي. انهيءَ وار مبارڪ جو باقاعده ظهورُ، سيد حيدر شاهه حقانيءَ جي ذريعي ٿيو هو. سنڌ ۾ ان وار مبارڪ جو آڻيندڙ، شيخ عبدالباقي صديقي بکري هو. شيخ عبدالباقيءَ جي سيد حيدر شاهه سان گهري دوستي هئي ۽ سيد صاحب جي صحبت ۽ محبت ڪري پاڻ بکر مان لڏي، روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائين[1]. وار مبارڪ جي ظاهر ڪرڻ جي باري ۾ چيو وڃي ٿو، ته سيد حيدر شاهه حقانيءَ کي حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن خواب ۾ ارشاد ڪيو ته ، ”اسان جو وار مبارڪ، اوهان جي شهر جي ڀرسان بکر ۾ آهي ۽ اهو شيخ عبدالباقي صديقيءَ وٽ محفوظ آهي. ان کي چئو، ته ان جي عام زيارت ڪرائي. اهو واقعو سن 952ھ/ 1545ع جو بيان ڪيو وڃي ٿو[1].

سيد حيدر شاھ کي هڪ پٽ ھيو جنھن جو نالو سيد عبدالستار شاھ ھيو جنھن پنهنجي چاچي شاهه عيسيٰ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد شاھ محمد شاھ پيدا ٿيو. سيد عبدالستار شاهه سن 1041ھ (1631ع) ۾ وفات ڪئي[1][4]. شاھ محمد شاھ ٻه شاديون ڪيون جن مان هڪ گهر واري بکر جي گورنر، مير سيد يعقوب علي خان رضويءَ جي ڀيڻ هئي.انهيءَ محترمه وڏيءَ ڄمار ۾ سن 1092ھ (1681ع) ۾ وفات ڪئي. ٻنھي گهروارين مان ڪوبہ نرينو اولاد ڪونه ٿيو[5]. اهڙيءَ طرح، سيد حيدر شاھ حقانيءَ جي پيڙهيءَ جو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو[1].

سيد حيدر حقانيءَ جو مقبرو ، روهڙي شهر جي مشهور ”سيد محلي“ ۾ واقع آهي. قديم زماني ۾ انهيءَ محلي کي ”سائيدي محلو“ يعني سيدن جو محلو به ڪري چوندا هئا[1]. سيد حيدر شاھ جي مقبري ويجهو ”ڪربلا جو پڙ“ آهي. سيد صاحب انهيءَ ئي حجري ۾ مدفون آهي، جنهن ۾ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن زهد ۽ عبادت الاهيءَ ۾ بسر ڪيا هئائين[1].

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن: پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  2. {سيد علي اڪبر شاهه ”فائق“ رضوي: ”شجره خاندان سادات رضوي“ (قلمي فارسي)}
  3. {سيد عبدالحسين موسوي، انجنيئر: ”روهڙيءَ جي رضوي سادات جو تواريخي پس منظر“(قلمي مقالو)}
  4. {سيد علي اڪبر شاهه ”فائق“ رضوي: ”شجره خاندان سادات رضوي“ (قلمي فارسي)}
  5. {سيد علي اڪبر شاهه ”فائق“ رضوي: ”شجره خاندان سادات رضوي“ (قلمي فارسي)}