حيدرآبادي چٽڻي
حيدرآبادي چٽڻي ڏاڍي مشهور آهي ۽ اها کائڻ ۾ ڏاڍي ذائقيدار ۽ لذيذ ٿئي ٿي. حيدارآبادي چٽڻي ٺاهڻ جو طريقو هن ريت آهي. سڀ کان پهرين زيرو، ڳاڙها مرچ ۽ ٿوم تئي تي ڀڃو، پوءِ بلينڊر ۾ ساوا ڌاڻا، ڦودنو ساوا مرچ، گدامڙي جو رس ،پيٺل مصالحو ۽ لوڻ وجهي سٺي نموني ملايو. ڪجهه منٽن ۾ مزيدار حيدرآبادي چٽڻي تيار آهي، توهان هن کي چانورن سان گڏ کائو ڀاڄيءَ جي ضرورت نه پوندي. هي چٽڻي ٺاهڻ لاءِ اوهان کي هٺين شين جي ضرور پوندي.
حيدرآبادي چٽڻي ٺاهڻ لاءِ گهربل شيون
سنواريوساوا ڌاڻا (سنها ڪٽيل ) هڪ ڳڙي، ڦودنو (سنهو ڪٽيل)هڪ ڳڙي، ساوا مرچ 6 عدد، گدامڙي جي رس هڪ پيالي، زيرو (سڄو) هڪ چمچو، ڳاڙها مرچ (سڄا) 3 عدد، ٿوم کلن سميت 4 ڳڙيون ،لوڻ ذائقي موجب. [1]