حفيظ تيوڻو
مشهور سگھڙ شاعر حفيظ تيوڻي جو اصل نالو لال بخش، ذات جو تيوڻو هو، ڳوٺ ڏاتي تيوڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. حفيظ تيوڻي جو جنم 1810ع ڌاري ٿيو. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو. جوانيءَ ۾ همت ڀريو شخص هو. سڄي عمر مينهون چاريائين. مينهن سان ايتري ته محبت هوندي هيس، جو انهن کي مومل، هير، سهڻي ۽ سسئي وغيره جي نالن سان سڏيندو هو.[1]
شاعري
سنواريوماتا جي بيماري ٿيس. جنهن ۾ اکين کان نابينا ٿي پيو ۽ اهڙو حال وٺي شاهه گودڙيي تي وڃي رهيو ۽ دعائون گھرندو رهيو. هڪ روايت مطابق ارشاد ٿيس ته ”تنهنجي دعا قبول پيئي، هاڻي تون موٽي وڃ ۽ تون لالو فقير نه، پر حفيظ آهين.“ اتان ڳوٺ اچي شاهه گودڙيي جي ساراهه م شعر چيائين. سندس ڪلام، بيتن، ڪافين ۽ مثنوين وغيره تي مشتمل آهي. پاڻ هڪ وڏو سگھڙ شاعر هو. بيتن ۾ چيل مومل راڻي جو قصو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين تمام منفرد ۽ نرالي رنگ ۾ جوڙيائين. حفيظ جو ڪلام ”لعلو حفيظ“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ ڇپرايو هو، جنهن ۾ مومل راڻي بابت شعر ڇپيل آهن. هن قصي بابت حامد علي خانائي لکيو هو ته: ”سموري قصي کي شاعر تفصيل سان نهايت سهڻي رنگ ۽ ڍنگ سان جوڙيو آهي، ان مان اصليت جي بوءِ پئي اچي ۽ منجهن مبالغو نظر ڪو نه ٿو اچي. سمورو الميه داستان، درد ۽ سوز سان ڀريل آهي، هن ۾ عورت، مرد جي محبت ۽ قرباني جو ذڪر آهي، نه صرف اهو پر ان مان سنڌي تهذيب ۽ تمدن، رسم و رواج ۽ مهمان نوازيءَ جهڙين خوبين جو پتو پوي ٿو.[1]
اڳي سندس ’مومل راڻي‘ وارا بيت درسي ڪتابن ۾ به شامل هئا، پر هن وقت درسي ڪتاب تبديل ٿيا آهن. ڪلام ۾ ”حفيظ تيوڻو“ ۽ ”لالو“ تخلص طور ڪم آندو اٿس.[1]
وفات
سنواريوهڪ اندازي موجب 1890ع ۾ وفات ڪيائين.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2012ع