حسن درس جو رسالو

حسن درس نئين ٽهيءَ جي سرواڻ شاعر، جي شاعريءَ جو هي ڪتاب، سندس ونيءَ، ارم محبوب سهيڙيو آهي. رسالي جي ارپنا، حسن درس جي اولاد، روحل، ردم ۽ چيزل جي نانءِ ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪارِ مهتاب محبوب ۽ حسن جي ونيءَ ارم محبوب جا تاثرات شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ حسن درس جي دوست مسعود لوهار جو لکيل آهي.

ڪتاب جي ترتيب سنواريو

رسالي جي ابتدا ۾ حمد، نعتون ۽ منقبتون ڏنل آهن، ۽ ان بعد شاعريءَ جون ٻيون صنفون- غزل، نظم، ٻه سٽا، چؤسٽا، ڇهه سٽا، بيت وغيره ڏنا ويا آهن ۽ آخر ۾ حسن درس جون پنهنجيون، سندس خاندان ۽ دوستن سان گڏ تصويرون به ڏنيون ويون آهن. رسالي جو وڏو حصو نظمن تي مشتمل آهي، ۽ حسن بنيادي طرح شاعر به نظم جو ئي هو. 432 صفحن (۽ تصويرن جي ٻارهن صفحن سميت) تي مشتمل ڊبل ڪرائون سائيز ۽ جاذب نظر ٽائيٽل وارو هي ڪتاب ’انڊس فائونڊيشن‘ حيدرآباد ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 750 رپيا رکي وئي آهي.[1]

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حسن درس جو رسالو (سنڌسلامت ڪتاب گھر تي)
http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=535 آرڪائيو ڪيا ويا 2017-12-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

حوالو سنواريو

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012